شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف چاچڙ جي صدارت ھيٺ پوليو مھم بابت گڏجاڻي

شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف چاچڙ جي صدارت ھيٺ پوليو مھم بابت گڏجاڻي

شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر الطاف چاچڙ جي صدارت ھيٺ پوليو مھم بابت گڏجاڻي

شڪارپور (احسان ابڙو )ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف چاچڙ جي صدارت ۾ اين آء ڊي ريڊينيس پوليو گڏجاڻي، تفصيل موجب 27 نومبر سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي . گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي پي سي انچارج ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو ٻڌايو ته اين آء ڊي پوليو مهم 27 نومبر کان شروع ٿيندي ، جيڪا 7 ڏينهن تي مشتمل هوندي. هن ٻڌايو ته هن دفعي 3 لک 42 هزار 5 سؤ 92 ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويندا ، جنھن لاءِ 830 گشتي ٽيمون جوڙيون ويون آهن. تعلقي شڪارپور جون 15 ، خانپور 10، لکي غلام شاه 11، ڳڙهي ياسين 13 يوسيون شامل آهن ھن چيو ته ﻳﻮ سي ٻانڀيھڙ ۾ ٽيمن سان گڏ پوليس سڪيورٽي ڏني وڃي ۽ ما ئڪرو پلان ۾ سڀ يوسيون پاس ٿيون آھن. وارياسو ۽ ٻانڀيهڙ يوسي جيڪا ڳڙهي ياسين جي حد ۾ آهي اتي اسان کي پوليس فورس ۽ مانيٽرنگ کي وڌائڻو پوندو. ھن چيو ته هن وقت اڃان به وڌيڪ ویڪسین اچي پئي ۽ اسان هن دفعي 97 فيصد زيرو ڊوز ٻار مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته هن دفعي اسان جون 40 ٽرانزٽ پوائنٽون آهن. انهن کي سڪيورٽي جي ضرورت آهي. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر شڪارپور چيو ته پوري ضلعي ۾ جتي به پوليو ٽيمن کي پوليس سڪيورٽي جي ضروت پوندي ته اسين سڪيورٽي مھيا ڪنداسين ۽ ان سان گڏو گڏ عملي جا نالا ۽ لسٽ بہ ڏينداسين. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته چيف سيڪريٽري جون سخت هدايتون آھن، چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنر صبح جي مارننگ ڊپلا ئمينٽ ۾ شريڪ ٿين. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو تہ ايندڙ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مائڪرو پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ اي پي آء وارا روزانه جي بنياد تي پنهنجي فيلڊ ڪم جاري رکن ۽ ٻارن کي 6 حفاظتي بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳائن. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي پوليو مهم جي حوالي سان آگاهي مهم هلائي وڃي ان سان گڏو گڏ مسجدن ۾ بہ جمع جي نماز جي دوران خطبن ۾ به پوليو جي حوالي سان آگاهي ڏني وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور کي هدايت ڏيندي چيو تہ يو سي جهان واه جي تپيدار کي پوليو جي ٽيمن سان تعاون نہ ڪرڻ تي سخت هدايتون جاري ڪيون وڃن ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو تعلقي ليول تي پوليو جي حوالي سان آگاهي واڪ ڪرائن.گڏجاڻيءَ ۾ ڊي ايچ او ڊاڪٽر پرويز سومرو چيو ته پوليوجون ٽيمون گهر گھر وڃي ذميواري سان پنهنجو فرض نڀائن.گڏجاڻي کان پهريان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ۽ ڊي ايچ او شڪارپور ڊاڪٽر پرويز احمد سومرو ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ٻارن کي پوليو جا قطرا پياري پوليو مهم جو آغاز ڪيو گڏجاڻي ۾ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ، تعليم ،پوليس ،انفارميشن کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي