شڪارپور ۾ جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ آجياڻو

شڪارپور ۾ جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ آجياڻو

شڪارپور ۾ جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ آجياڻو

شڪارپور ( احسان ابڙو ) جيها برادري جي سردار ذوالفقار خان جيهو جي مان ۾ اي ايس آء مبارڪ جيهو پاران وارڊ 10 لطيف شاھ محلي ايم بلال ٽائون ۾ چانهن پارٽي ۽ تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ سردار ذوالفقار خان جيهو سندس ڀائرن مير عرفان خان جيهو اينٽي ڪرپشن شڪارپور جي سب انسپيڪٽر اورنگزيب خان جيهو فرزند سردار زاده حيدر علي خان جيهو پاران مهمان خاص طور شريڪ ٿيا جتي جيها برادري سٽي شڪارپور جي معززين چڱن مڙسن گلشن جيهو ،راشد علي جيهو گسٽا اڳواڻ محمد بچل جيهو ابڙو ايڊوڪيٽ فقير حسين جيهو يوسي رڪ جي چيئرمين بشير احمد جيهو ،محمد نواز جيهو احسان علي جيهو مسري جيهو ، مستري محمد بخش جيهو ، صدرالدين جيهو طارق حسين ابڙو مقبول احمد جيهو سيت برادري جي ماڻھن پاران شرڪت ڪئي وئي جڏهن ته جيها برادري لطيف شاه محلا جي پاڙيسري انڙ برادري جي معزز شخصيت نصرالله انڙ پاران خصوصي دعوت تي پڻ شريڪ ٿيو محفل جي ميزبان مبارڪ جيهو پاران آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ گلن جا هار پارايا مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ويو انهي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سردار ذوالفقار خان جيهو چيو ته جيها قبيلو هڪ پرامن قبيلو آھي جيڪو لاڙڪاڻو ريجن ۾ اڪثريت سان رهي ٿو اسانجي سرداري کان اڳ برادري جي ماڻھن تي چند اڻپڙهيلن جو راڄ رهيو جن جيها برادري جي نوجوانن کي پنهنجي مقصدن ۾ استعمال ڪيو ۽ ڏوهي دنيا طرف ڌڪيو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو برادري کان ووٽ ته ورتا ويا پر انهن جا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا اوهان کي اڪثر روڊ اکڙيل ۽ اسڪول ويران نظر ايندا تعليم کان کين پري رکيو ويو برادري جهيڙن ۾ الجهايو ويو هن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته جيها برادري طرفان مون مٿان سرداري پڳ جي گذريل ڏهن سالن جي پيرڊ ۾ ڪجھ ڳوٺن ۾ ڊولپمينٽ جا ڪم اوهان کي نظر ايندا برادري جيهڙن جو خاطمو آڻي چڪا آھيون سئو جي لڳ ڀڳ برادري جي ماڻھن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا آھن ڪجه نوڪريون ڏنيون ويون آھن ۽ انشاءالله اليڪشني اتحادين سان گڏجي برادري جا تمام بنيادي مسئلا حل ڪرايا ويندا هن جو چوڻ هيو ته مڙس ماڻھون ايهو ناهين جيڪو هٿيار کڻي روڊن تي اچي ڦرلٽ ڪري پر مڙس ماڻھون اهو آھي جيڪو ڏنڊو کڻي پنهنجي زمينن تي ويٺو هجي ۽ اوڙي پاڙي جو خيرخواھ محافظ بڻجي