اين ڊي ايف پاران سياسي پارٽين جي منشور ۾ گرين انرجي کي اوليت ڏيڻ جو مطالبو

غلط پاليسين جي ڪري معيشت تي گردشي قرضن جو وڌيڪ بار وڌي ويو آهي: عابد لاشاري

اين ڊي ايف پاران سياسي پارٽين جي منشور ۾ گرين انرجي کي اوليت ڏيڻ جو مطالبو

نواب شاھ(رپورٽر) گرو گرين نيٽ ورڪ ۾ شامل پاڪستان جي سول سوسائٽي جي تنظيمن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڀريو آهي ته توانائي جي مسئلي کي حل ڪرڻ‌ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايف پاڪستان پاران انڊس ڪنسورشم جي سھڪار سان نواب شاھ ۾ عوامي فورم “پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي رفتار لاءِ سياسي شرڪت” منعقد ڪيو ويو. تقريب ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن، تعليمدانن، سماجي ڪارڪنن، ميڊيا ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ڳالهين جو مقصد سياسي پارٽين کي پنهنجي عوامي منشور ۾ صاف توانائي جي مطالبن کي شامل ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ هو. تقريب کي خطاب ڪندي اين ڊي ايف پاڪستان جي سربراه عابد لاشاري، ڊاڪٽر امين گل ريجنل ڊائريڪٽر انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي، صابر قريشي ائڊيشنل ڏائريڪٽر سوشل ويلفيئر، رياض شر، لال چند لوھاڻو، اسد ميمڻ، اسماعيل ڊومڪي ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته ملڪ کي معدني وسيلن جي ٻارڻ تي ٻڌل توانائي جي منصوبن تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي، ان جي بدران قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ اهڙن منصوبن کي تيز ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهيون وڃن. پاڪستان اڪنامڪ سروي 23-2022 جي مطابق، پاڪستان وٽ 41,000 ميگاواٽ بجليءَ جي نصب ٿيل گنجائش آهي، ان جو 58.8 سيڪڙو ٿرمل پاور پلانٽس آهن، جيڪي بنيادي طور تي درآمد ٿيل ٻارڻ تي دارومدار رکن ٿا، جنهن سان ملڪ جي توانائي غير محفوظ بڻجي ٿي. مقررين وڌيڪ چيو ته بجلي واري شعبي جي غير هدفي رعايتن، ادارتي رڪاوٽن ۽ غلط پاليسين جي ڪري معيشت تي گردشي قرضن جو وڌيڪ بار وڌي ويو آهي. ان جو حل فوري طور تي توانائي جي سڌارن ۾ آهي، جنهن ۾ درآمد ٿيل ٻارڻ تي انحصار کي گهٽائڻ ۽ صاف توانائي جي ذريعن ڏانهن منتقلي شامل آهي. عوامي فورم ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته توانائيءَ جي شعبي کي درپيش اهم مسئلن ۾ وڌندڙ گردشي قرض شامل آهي- جيڪو اڳ ۾ ئي 40 کرب روپين کان وڌي رهيو آهي، ٻين مسئلن ۾ مالي مشڪلاتن سبب بجليءَ جي کوٽ، درآمدي وسيلن تي انحصار ۽ توانائيءَ جي غيرمتوازن پيداوار شامل آهن. ان کان علاوه، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي شڪار ملڪن ۾ 8 نمبر تي آهي. تازو برساتن واري ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو. عالمي سطح تي گرين هائوس گيس جي اخراج جي صرف 0.8 سيڪڙو جو ذميوار هجڻ جي باوجود، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي خراب اثرن کي منهن ڏئي ٿو، جن ۾ گرمي جي لهر، خشڪ سالي، سخت برساتون ۽ ٻوڏون شامل آهن، جنهن سبب خوراڪ جو عدم تحفظ، معيشت کي نقصان ۽ معاشي زوال شامل آهن. ڳالهين ۾ مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان کي موسمياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ موسمياتي لچڪدار ترقيءَ جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. ماحولياتي تبديلين جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير قومن لاءِ معاوضو انتهائي ضروري آهي. پاڪستان لاءِ ان اهم مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پائيدار توانائي جي ذريعن ڏانهن منتقلي ضروري آهي. عوامي فورم سياسي مطالبو ڪيو ته سياسي پارٽيون اڳواٽ کان قائم ڪيل فلاحي منصوبن جهڙوڪ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ احساس پروگرام کي استعمال ڪندي غربت جي سطح کان هيٺين زندگي گزاريندڙ شهرين کي آف گرڊ شمسي پي وي منصوبن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته غريب ماڻهو بجلي جي بلن جي ادائگي نه پيا ڪري سهگن. ان سلسلي ۾‌ عالمي مالياتي ادارا ۽ حڪومت پاڪستان گڏيل منصوبا جوڙين. پاڪستان جي ٻهراڙين ۾ باگاس تي ٻڌل بجلي جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جا پروگرام متعارف ڪرايا وڃن. اهي منصوبا پائيدار روزگار جا موقعا ۽ صاف توانائي جا وسيلا مهيا ڪري سگهن ٿا. عوامي فورم کي طارق حسين چنڙ، شھزاد خاصخيلي، ياسين خاصخيلي، حميرہ، عاصمہ منير آرائين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.