ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون پاران گرلس ھاءِ اسڪول، صحت مرڪز ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو

ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون پاران گرلس ھاءِ اسڪول، صحت مرڪز ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو

ٺٽي ۾ اي ڊي سي ون پاران گرلس ھاءِ اسڪول، صحت مرڪز ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو جو گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول ،بنيادي صحت مرڪز ۽ واٽر سپلائي اسڪيم جو دورو ، سموري صورتحال جو جائزو -ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي ھدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ٺٽو ، بنيادي صحت مرڪز علي بحر ۽ واٽر سپلائي اسڪيم سونڊا جو دورو ڪري سموري صورتحال جو جائزو ورتو - ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه لاڳاپيل واٽر سپلائي ملازمن جي حاضري ، پيئڻ جي پاڻي جي موجودگي ۽ فراھمي ، گورنمينٽ گرلس ھاء اسڪول ۾ شاگردياڻين جي داخلا ۽ حاضري ، مقرر ۽ حاضر استادن جو تعداد ، واش رومز ۽ ليبارٽري جي صورتحال، صفائي سٿرائي، پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ فرنيچر جا تفصيل جڏهن ته بنيادي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ، ليبارٽري ۽ دوائن جي موجودگي جي سھولتن ، صفائي سٿرائي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت عمارتن جي صورتحال جو معائنو ڪري لاڳاپيل عملدارن کان تفصيل پڻ ورتا- ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه سمورن لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھو صاف پاڻيءَ ، صحت جون بھتر سھولتون ۽ معياري تعليم جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن ماڻهن کي بنيادي سھولتن جي فراهمي کي ھر ممڪن يقيني بڻائي سگهجي - ھن چيو ته استادن ۽ ٻين ملازمن جي حاضري، صفائي سٿرائي، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائن جي موجودگي سميت بھتر طبي ۽ ٻيون سموريون شھري سھولتون ۽ عوامي خدمتن کي يقيني بڻايو وڃي، ان ڏس م ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي ھر گز برداشت نه ڪئي ويندي. ھن چيو ته عوام کي تعليم ،صحت ،پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون سموريون گھربل بنيادي سھولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميه جي اولين ترجيحي ۾ شامل آهي.