نوشھروفيروز ۾ سنڌ مري اتحاد جي سالياني دستوري قانوندان عبدالحسين مري جي صدارت ۾ ٿي

سنڌ ۾ بدامني پکيڙيندڙ افغانين سميت سمورن غيرملڪين جي نيڪالي جي حمايت ڪيون ٿا: عبدالحسين مري

نوشھروفيروز ۾ سنڌ مري اتحاد جي سالياني دستوري قانوندان عبدالحسين مري جي صدارت ۾ ٿي

نوشھروفيروز(ڊ ر) سنڌ پرامن ڌرتي آھي سنڌ ۾ بدامني پکيڙيندڙ افغانين سميت تمام غيرملڪين جي نيڪالي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا مري برادري پنهنجي آسپاس غيرقانوني رهندڙ افغانين جي نشاندهي ڪري فوري طور انتظاميه کي آگاه ڪري سنڌ ڌرتي ظلم و بربريت ۽ فساد ڦھلائيندڙن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي۔ اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ مري اتحاد جي سرپرست اعلي نامور قانوندان عبدالحسين مري نوشھروفيروز جي مرڪزي هيڊ آفيس ۾ برادري جي سالياڻي دستوري گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو۔ هن چيو ته اسان جو اتحاد ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر ٻين برادري سان گڏجي برادري جي فلاح و بهبود لاء ڪم ڪري رهي آھي سنڌ ۾ رهندڙ سڀ برادريون قابل احترام آهن۔ اجلاس جي صدارت ڪندڙ سنڌ مري اتحاد جي مرڪزي صدر حبيب خان مري چيو ته تنظيم جي ترقي ۽ جدوجهد کي ڏسي مختلف ماڻھن مري اتحاد نالي سان کوڙ ساريون تنظيمون ٺاهي ڇڏيون آھن اهي به اسان جا ڀائر آھن اسان سڀني جو مقصد برادري سميت سنڌ جي ٻين معزز برادرين سان گڏجي سنڌ جي مظلوم ۽ مستحق ماڻھن جي مدد ڪرڻ آھي۔ ان موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري خادم حسين مري۔ استاد رحم حسين مري۔ ايڊووڪيٽ نواب خان مري۔ دين محمد مري۔ امام الدين مري۔ غلام حيدر مري۔ پٺاڻ خان مري۔ محمد ايوب مري ۽ ٻين چيو ته برادري جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو قائم ڪري آسپاس ۾ رهندڙ ٻين برادرين سان مضبوط تعلقداري قائم ڪن۔ سنڌ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿيل برادري کي هڪ ئي پليٽ فارم تي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔ اجلاس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل برادري جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔