شڪارپور ۾ انجمن طالباءِ اسلام پاران فلسطينين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ريلي

اسرائيل جي ظلمن جي داستان تاريخ جي انھن سياح ترين ڏينھن مان آھي: حافظ فضل اللہ نوراني

شڪارپور ۾ انجمن طالباءِ اسلام  پاران فلسطينين سان يڪجھتي جي اظھار لاءِ ريلي

شڪارپور ( احسان ابڙو ) انجمن طلباءِ اسلام شڪارپور پاران لکيدر گهنٽا گهر تي "فلسطين مسلمان ڀائرن سان اظهار يڪجهتي" نالي عنوان ھيٺ جلسي عام جو انعقاد ڪيو ويو . جنھن ۾ نوجوان شاگردن پاران فلسطين جي تاريخي، مذھبي ۽ جاگرافيائي اھميت بابت آگاھي ڏني وئي ان موقعي تي انجمن طلباء اسلام جي مقرر صاحبزاده حافظ فضل اللہ نوراني چيو تہ اسرائيل جي ظلمن جي داستان تاريخ جي انھن سياح ترين ڏينھن مان آھي جنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي،ڪامران رضا عطاري جنرل سيڪريٽري انجمن طلبہ اسلام صوبہ سندھ چيو ته ان سبب اسان سڀني کي پنھنجن پنھنجن گروپن ۾ اسرائيل جي ظلمن جي آگاھي ۽ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن بابت ڄاڻ ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ تہ اڃان تائين ماڻھن ۾ ان مسئلي جي سنگيني ۽ نوعيت واضع نہ ٻڌائي وئي آھي. جڏھن تہ اي ٽي آء جي ضلع شڪارپور جي اڳواڻن چيو ته قاري محمد اطهر الدين چيو ته فلسطين جي مذھبي حيثيت ۽ واجد علي سلطاني اسرائيل جي جبري قبضي بابت آگاھي ڏني. احسان اللہ معرفاڻي چيو ته اسرائيل جي مصنوعات جي بائيڪاٽ بابت حڪمت عملي ٻڌائيندي اھو چيو تہ متبادل پاڪستاني مصنوعات جي استعمال سان اسرائيل ۽ يھودين جي معيشت کي نقصان رسائي سگھجي ٿو. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ۾ حضرت علامہ مفتي محمد صدیق قادري. علامه ابن المفتي سائين لطف اللہ قادري. مولانا خالد حسين حسيني. مولانا مسعود احمد قادري.علامہ مولانا صبغت اللہ مدني قادري. استاد عبدالوہاب ڪاغذي. سعيد احمد سومرو.فاروق احمد سلطاني.مولانا عرفان سڪندري.قاري اقبال احمد لاشاري.مولانا معصوم لاشاري نصير احمد نماڻوفقير شان علي حسيني. ۽ ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي