ڪنڌڪوٽ ۾ ڇاپن بعد ٽئين ڏينهن به ميڊيڪل اسٽور بند پيل

مريضن کي دوائون نه ملڻ ڪري مشڪل مان گذرڻو پيو

ڪنڌڪوٽ ۾ ڇاپن بعد ٽئين ڏينهن به ميڊيڪل اسٽور بند پيل

ڪنڌڪوٽ ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا ھڻي ڏنڊ رکڻ جي عمل خلاف ميڊيڪل يونين جي سڏ تي اڄ 3 ڏينهن تي به شھر جا سمورا ميڊيڪل اسٽور بند پيل آھن مريضن کي دوائون نه ملڻ ڪري مشڪل مان گذرڻو پيو اي سي بناجواز ڪاروايون ڪري تنگ ڪري رھيو آهي ميڊيڪل اسٽور مالڪ . ڪجه ميڊيڪل اسٽور وارن جي بليڪ ميلنگ ۾ ن اچبو. منافع خورن کي شھرين جي زندگي سان کيڏڻ ن ڏبي.ڪجه ميڊيڪل اسٽور کليل آھن ۽ سول اسپتال ۾ ب دوائون مفت رکيل آھن عوام فائدو وٺي .اي سي حميراحمدقريشي. 3 ڏينھن اڳ ڪنڌ ڪوٽ شھر ۾ اسٽنٽ ڪمشنر حمير قريشي جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي ٽيم سان گڏجي شھر ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا ھڻي ميڊيسن چيڪ ڪيون گھنٽاگھر چوڪ تي ھڪ ميڊيڪل اسٽور تي مبينا مدي خارج دوا ملڻ تي مٿان ڏھ ھزار روپين جو ڏنڊ وڌو ويو جنهن خلاف ميڊيڪل يونين جي سڏ تي اي سي ۽ سندس ٽيم خلاف اڄ 3 ڏينهن تي به شھر جا سمورا ميڊيڪل اسٽور احتجاجن بند ڪري ڇڏيا جنهن ڪري مريضن کي دوايون نه ملڻ ڪري پريشاني مان گذرڻو پيو ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي ايسوسيئيشن جي اڳواڻن پرڪاش لال منشاڻي جو چوڻ آھي ته جيستائين ڪيل ناانصافي جو ازالو نه ٿيندو شھر ۾ ميڊيڪل مڪمل بند رھندا انھي حوالي سان وڌيڪ پرڪاش لال ـ نارائڻ داس ۽ ٻين چيو ته سڀ کان پھريان ته اي سي کي ڪو به اختيار نه آهي ته ھو بنا ڊرگ انسيپڪٽر جي ميڊيڪل اسٽورن جي مٿان ڪاروائي ڪري ڏنڊ رکي اصل ۾ شھر اندر سمورا ميڊيڪل قانوني طريقي سان ھلن پيا پر انتظاميا ۽ سندس ٽيم ميڊيڪل اسٽورن تي منٿلي مقرر ڪرڻ لاء اھڙيون ڪاروايون ڪري ناجائزي ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري اسين روز روز ٿيندڙ ناجائزين کان تنگ اچي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي اسين مطالبو ڪيون ٿا ته فوري اسان سان ٿيل ناانصافي زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين سراپا احتجاج ھونداسي ۽ شھر ۾ ميڊيڪل اسٽور مڪمل بند رھندا. ھوڏانھن اي سي ڪنڌڪوٽ حميراحمد قريشي رابطي تي ٻڌايو ت ماڻھون پريشان ن ٿين 6 مھينا اڳ جو مدي خارج دوا ميڊيڪل اسٽور تي ھجڻ ۽ ڇاپي ۾ ھٿ اچڻ تي ڪجه ميڊيڪل وارا ھڙتال ڪن ٿا ت ڀل ڪن بليڪ ميلنگ ۾ ن اچبو ميڊيڪل وارا پنھنجي مفاد جي ڪري عوام جي زندگين سان کيڏن ٿا عوام جي جان مال سان کيڏڻ ن ڏبو. ھن چيوت اسان ن جھڪنداسي منافع خورن خلاف ڪاروائي جاري رکنداسي .