نوشھروفيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطئي جي ڪيمپ لڳائي وئي

ڪيمپ سماجي ورڪر امتياز علي چانڊيو، اعجاز ممنائي ۽ غلام اڪبر ناريجو جي تعاون سان لڳائي وئي

نوشھروفيروز ۾ فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ پاران رت جي عطئي جي ڪيمپ لڳائي وئي

نوشھروفيروز(ڊر) فاطميه فائونڊيشن بلڊ بئنڪ سول اسپتال نوشھرو فيروز پاران سول اسپتال نوشھرو فيروز ۾ مفت بلڊ ڊونيشن ڪئمپ لڳائي ويئي۔ ڪئمپ ۾ خاص تعاون سماجي ورڪر امتياز علي چانڊيو ڪيو جڏهن ته سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو جي هدايتن تي ڪئمپ کي ڪامياب ڪرڻ جي حڪمت عملي بڻائي وئي ان موقعي تي سماجي اڳواڻ اعجاز ممنائي ۽ انچارج غلام اڪبر ناريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ذاتي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سول اسپتال ۾ غريب مريضن جي سهولت لاء بلڊ بئنڪ جو قيام عمل ۾ آندو آھي ان بلڊ بئنڪ کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڊونرز جي سخت ضرورت آھي جيڪڏهن هر ماڻهو رت ڏيڻ جي اهميت کي سمجهي ته ھوند سڀني جو ڀلو ٿي وڃي ڇوته خداوند ڪريم هر انسان ۾ اها قوت رکي آھي ته پنهنجو رت ٻين کي ڏيئي پنهنجي صحت جي حفاظت ڪريو۔ رت جو عطيو ڏيئي غريب مريض جي جان بچائڻ پوري انسانيت کي بچائي سگهجي ٿي۔