جماعت اسلامي ملڪ جي واحد ديني ۽ سياسي جماعت آهي: محمد حسين محنتي

سيد عبدالرشيد سنڌ اسمبلي ۾ جماعت اسلامي جو واحد نمائندو هجڻ باوجود سڄي اسمبلي تي ڀاري هو

جماعت اسلامي ملڪ جي واحد ديني ۽ سياسي جماعت آهي: محمد حسين محنتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته سيد عبدالرشيد سنڌ اسمبلي ۾ جماعت اسلامي جو واحد نمائندو هجڻ باوجود سڄي اسمبلي تي ڀاري هو، هوءَ چونڊيو ته لياري مان هو، پر سنڌ جي عوامي مسئلن تي آواز اُٿاري هن پ پ جي خراب ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن کي بينقاب ڪيو، جماعت اسلامي ملڪ جي واحد ديني ۽ سياسي جماعت آهي جنهن جو ڪم ۽ ڪردار اڳوڻي ميئر عبدالستار افغاني، نعمت الله خان، ڪي پي جي سينئر وزير ۽ موجوده امير جماعت اسلامي سراج الحق جي صورت ۾ سڄي قوم سامهون موجود آهي. جماعت اسلامي ملڪ ۾ شريعت جي نفاذ، ڪرپشن فري، اسلامي ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جماعت اسلامي صاف شفاف ۽ اڻڌرين چونڊن ذريعي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي تي يقين رکي ٿي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، قوم مخلص، اهل ۽ ديانتدار قيادت کي ووٽ ڏئي اڳتي اچڻ جو موقعو فراهم ڪري، عوام اسلامي، فلاحي ۽ جمهوري رياست جي قيام لاءِ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي سنڌ پاران قباء آڊيٽوريم ۾ اڳوڻي ميمبر سنڌ اسمبلي سيد عبدالرشيد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي اڳواڻن کان علاوه ٽائون ۽ يوسي ناظمين سميت شهر جي معززين جو وڏو انگ پڻ موجود هو. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي سيد عبدالرشيد خطاب ڪندي چيو ته لياري جو علائقو ڏوهارين ۽ گينسٽرز جو ڳڙهه بڻيل هو، پر ان باوجود جماعت اسلامي اها واحد جماعت هئي جنهن اتي پنهنجي دعوتي،۽ فلاحي سرگرمين کي جاري رکيو، مشڪل حالتن ۾ به جماعت اسلامي اڳتي وڌندي رهي ۽ 35 سالن کان پوءِ اسان کي لياري مان ڪاميابي حاصل ٿي، ان کان اڳ 1985ع بابو علام حسين بلوچ جماعت جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو هو. لياري ۾ 66فيصد بلوچ رهن ٿا، پر سڀني ماڻهن جا ووٽ مون کي مليا، الله جو شڪر آهي هر عوام جي هر مسئلي تي اسميبلي ۾ آواز اُٿاري اهو ثابت ڪيو ته “ اسان چند آهيون، پر اهم آهيون” لياري جهڙي علائقي مان ڪاميابي سان حوصلو مليو ته سمورين سازشن باوجود الله جي مدد سان فتح حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان موقعي تي جماعت اسلامي يوٿ جي صدر ڊاڪٽر امتياز پالاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي عوام جي اُميدن جو مرڪز آهي، پر بدقسمتي سان وڏي عرصي کان اهو وڏيرن جي اڪثريت جو مرڪز بڻيل آهي، عام ماڻهن جي آواز فقط سيد عبدالرشيد هو. يوسي چيئرمين سيد مظهر شهزاد چيو ته لياري مان چونڊجڻ ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کي منهن ڏيڻ گهٽ آزمائش ناهي، پر سيد عبدالرشيد پنهنجي گفتار ۽ ڪردار سان اُتان جي عوام جا مسئلا حل ڪري عام ماڻهن تائين جماعت اسلامي جي اصل دعوت ۽ پيغام کي پهچايو آهي. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد مسلم، ناظم عمومي محمد دين منصوري ۽ سلمان علي پڻ خطاب ڪيو.