پارڪنگ ۾ واڪ ڪندڙ عورتن کي چوڪيدار عاقب جاويد مسلسل ھراسان ڪندو رھي ٿو: وڊيو ۾ عورت جو الزام
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سول ايوي ايشن اسٽيڊيم جي پارڪنگ ۾ عورت ملازمن کي حراسان ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ذريعن موجب ڪراچي سول ايوي ايشن اسٽيڊيم جي پارڪنگ ۾ واڪ ڪرڻ لأ ايندڙ عورت ملازمن سان چوڪيدار عاقب جاويد مسلسل حراسان ڪري رهيو آهي جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي عورت ملازمن جو چوڻ آهي ته هو پارڪنگ ۾ واڪ ڪرڻ لأ اينديون آهن ته چوڪيدار عاقب جاويد مختلف قسم جا هروڀرو سوال ڪري تنگ ڪري رهيو آهي جنهن جي شڪايت ڪرڻ جي باوجود به ان خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي آهن هنن ٻڌايو ته گارڊ ۽ ٻين عملدارن جو رويو سٺو آهي پر ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ عاقب جاويد ھروڀرو زائفائن کي تنگ ڪندي نظر ايندو آهي بار بار چوڻ جي باوجود هو مڃڻ لأ تيار ناهي ان حوالي سان وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ عورت ملازم پنهنجي ٻارڙي سان واڪ ڪرڻ پارڪنگ تي وئي ته چوڪيدار منع ڪيس ان کيس ٻڌايو ته هو هتي روز پنهنجي ٻارڙي سان واڪ ڪرڻ لا ٔ ايندي آهي پر چوڪيدار مڃڻ لأ تيار ناهي جنهن کي عدنان جو سپورٽر به آهي عورت ملازمن سول ايويشن جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته عورت ملازمن کي حراسان ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي هي هڪ قومي ادارو آهي اسان جي قوم جي پهچان آهي
0 تبصرے