معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي: اياز لطيف پليجو

نصيرآباد ۾ 15نومبر تي اياز لطيفي پليجي جي سالگرھ تي محبت سنڌ جلسو ٿيندو

معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ ضلعي قمبر ۽ شھدادڪوٽ پاران 15 نومبر تي نصيرآباد شهر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو 55 ھين سالگرھ ۽ محبت سنڌ جلسي عام ڪيو ويندو جنھن جي صدارت اياز لطيف پليجو ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي. جڏهن تہ پيپلزپارٽي جي گذريل پندرهن سالن جي حڪومت ڪارڪردگي مڪمل ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي، پيپلزپارٽي مسلسل پندرهن سالن تائين سنڌ جي اقتدار ۾ رھي پر سنڌي جي ماڻهن کي مسئلن ۽ مصيبتن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو. مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا جو ٽولو نااھل، جاهل، ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران ڪرپشن ڪرڻڻ ۾ پورا ھئا ۽ سنڌ جي وسيلن، زمينن کي ڀڳڙن مٽ تي نيلام ڪيو. بھارين، افغانين سميت ڌارين جا سھولتڪار بڻيا ۽ کين ڪوڙا ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ برابري وارو جمھوري نظام گھرجي۔ قدرتي وسيلن تي ڪمائي جو پھريون حق مالڪ صوبي ۽ انھن علائقن جو آھي اڪثريت جي نالي ۾ سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، زمين، پاڻي ۽ ٻين وسيلن کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ بيروزگاري، سڀ کان وڌيڪ، غربت، سڀ کان وڌيڪ بدحالي، سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سڀ کان وڌيڪ ڏوھ، لاقانونيت، ناانصافي سنڌ ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي۔ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ بہ پريشان آھي.