شڪارپور ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي

27آڪٽوبر تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي تحت ڀارتي ظلم خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.

شڪارپور ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور ريلي ڪڍي وئي

شڪارپور (احسان ابڙو) ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور شڪارپور ۾ ريلي 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي تحت ڀارتي ظلم خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي، ڀارت خلاف ۽ ڪشميرين جي حق ۾ نعراتفصيل موجب شڪارپور ۾ 27 آڪٽوبر تي ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتيءَ طور ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلم خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪاپور الطاف احمد چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ ڪشميري عوام ۽ پاڪستان آرمي جي حق ۾ نعرا هنيا ويا. جڏهن ته ڀارتي ظلم جي مذمت ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي ريلي سان خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪاپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته 27 آڪٽوبر جي ڏينهن تي ڀارتي فوج مهاراجا هري سنگهه جي دعوت تي نا جائز طور تي ڪشمير ۾ داخل ٿيون ۽ قبضو ڪري ورتو. ھن مھل تائين ڪشمير جو مسئلو عالمي برادري جي لاءِ هڪ تمام وڏو سوال آهي تہ توهان ھنن مظلوم ڪشميري مائرن ڀينرن ٻارن جي حقن کي بچائڻ لاءِ ڪھڙو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ جتي به انساني حقن جي حوالي سان ڳالهه ٿئي ٿي ته اتي ھڪ وڏي سواليه نشان جي صورت ۾ ڪشمير جو مسئلو سامهون اچي ٿو. هن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ڀارت جي ظلم سبب اڄ ڪشمير جيل بڻجي چُڪو آهي ۽ ڪشميري عوام مٿان زندگيءَ جا سڀ دروازا بند ڪيا ويا آهن. ريلي سان خطاب ڪندي تعليم کاتي جي ڊي او سيڪنڊري عبدالسميع ناپر ، ٽي اي او عبدالشڪور ، سينيئر هيڊ مسٽريس آپا صفيا ۽ ٻين ضلع آفيسرن چيواسان مطالبو ٿا ڪيون ته ڪشميري جو مسئلو اقوام متحدہ جي قراردادن مطابق حل ڪيو وڃي ۽ ڪشميرين کي خود اراديت جو حق ڏئي ڀارتي ظلم ۽ جبر کان آزاد ڪرايو وڃي. ريلي ۾ مختلف ڊپارٽمينٽ جن ۾ روينيو، صحت، پوليس، انفارميشن ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ ملازمن پاران شرڪت ڪئي وئي