ڪشميرين ۽ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڪشمور ۾ ريلي ڪڍي وئي

والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي پر مسلم دنيا خاموش آھي: اڳواڻ

ڪشميرين ۽ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڪشمور ۾ ريلي ڪڍي وئي

ڪشمور (دلبر جاني) ڪشمور ۾ ڪشميري عوام مٿان ٿيندڙ ظلم تشدد ۽ فلسطينين مٿان اسرائيلي فوج جي حملن ۽ 27 آڪٽوبر بليڪ ڊي جي حوالي سان سماجي تنظيمن ۽ اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن طرفان ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي امان الله چنه استاد محمد اقبال ملڪ، عبد اللہ چنه لکمير جکراڻي. ۽ ٻين ميديا سان ڳالهائيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي جنهن تي عالمي سطح تي ڪو به آواز بلند نٿو ڪيو وڃي مظلوم ڪشميرين ۽ فلسطينين جي مدد ڪرڻ بدران عالمي سطح تي خاموشي اختيار ڪئي ويئي آهي. پر اسين مظلوم ڪشميرين ۽ فلسطينين مسلمانن سان گڏ آهيون ڀارت، اسرائيل ۽ انهن جي حمايتي آمريڪا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته فلسطيني ۽ ڪشميري مسلمان لاوارث ناهن پوري دنيا جا مسلمان انهن سان ٻڌي جو اظهار ڪن ٿا اقوام متحده طرفان ڪيل معاھدي تي عمل نه ڪيو ويو آھي جنھن ڪري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائ رهيا آهيون انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪجي ٿو ته فلسطين ۽ ڪشمير لاءِ آواز بلند ڪيو وڃي،