English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: ضلعي اوڀر جي مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون تيز
18 views
|
25th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم کي ڏسندي ئي عطائي ڊاڪٽرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي
گڏاپ(رپورٽر)ڪراچي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سي اي او ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪوئيڪري جي ھدايتن تي ضلعي اوڀر جي مختلف علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون. سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم کي ڏسندي عطائي ڊاڪٽرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ٽيم ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نعمان، ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اويس سومرو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن چيو ته ڪراچي ۾ سياسي اثر رسوخ رکندڙ عطائي ڊاڪٽر تمام گهڻا آهن. بااثر ماڻهن جي غير قانوني ميڊيڪل سينٽرن خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن. عطائي ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جا آفيسر ضلعي اوڀر جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن. آپريشن دوران ٽن کان وڌيڪ غير قانوني ڪلينڪن کي سيل ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيمن شهرين جي جان بچائڻ لاءِ ڪارروايون ڪيون آھن. ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته سڄي سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن شھرين جي زندگيءَ سان کيڏي رھيا آھن. غلط ميڊيسن ۽ انجيڪشن لڳڻ ڪري ماڻهن جي زندگي اجڙي وئي آهي ۽ ھو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ھن چيو شهري ادارن جو ساٿ ڏين ۽ اهڙن ڪلينڪ خلاف ادارن کي آگاهه ڪن ته جيئن قيمتي جانين جو تحفظ ٿي سگهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں ڈاکو کو زندہ جلانے کا مقدمہ درج - اصل وجہ سامنے آگئی
02nd Dec 2025
•
تازہ ترین
مفتی منیب الرحمٰن ڈینگی میں مبتلا، اسپتال میں زیرِ علاج
02nd Dec 2025
•
پاکستان
کراچی میں مین ہول میں گرنے والے بچے کی لاش نکالنے والے لڑکے کو پولیس کی جانب سے اعزاز پیش
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں ڈاکو کو زندہ جلانے کا مقدمہ درج - اصل وجہ سامنے آگئی
02nd Dec 2025
•
تازہ ترین
مفتی منیب الرحمٰن ڈینگی میں مبتلا، اسپتال میں زیرِ علاج
02nd Dec 2025
•
پاکستان
کراچی میں مین ہول میں گرنے والے بچے کی لاش نکالنے والے لڑکے کو پولیس کی جانب سے اعزاز پیش
01st Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
لڪي مروت آپگهاتي حملو دهشتگردي جي اندھيري موج ۽ عوامي تحفظ..؟؟
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
ڪراچي
مختلف علائقن
عطائي ڊاڪٽرن
سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن
0 تبصرے