English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سول سوسائٽي پاران فلسطيني مسلمانن جي حق ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
274 views
|
20th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
عالمي دھشتگرد اسرائيل پنھنجي آقا امريڪا جي اشاري تي مظلوم فلسطينين تي ظلم ڪري رھيو آھي: اڳواڻ
ٺٽو (شفيق ڀٽي) ٺٽي ۾ سول سوسائٽي پاران فلسطيني مسلمانن جي حق ۾ ايڌي سينٽر کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي پريس ڪلب ٺٽي اڳيان پھتي جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ عرفان ماڻڪاڻي، سماجي اڳواڻن راشد خشڪ، عبيد علي بُرفت، ياسر پنجواڻي، اعجاز ڪنڀار، شھزور چانگ، شاھد شاھ، سجاد کتري، اويس مغل ۽ ٻين چيو تہ اسرائيل عالمي دھشتگرد آھي جيڪو پنھنجي آقا امريڪا جي اشاري تي مظلوم فلسطينين تي ظلم ڪري رھيو آھي ھن غزہ ۽ والاريل بيت المقدس ۾ بربريت قائم ڪري ڇڏي آھي. ھنن چيو تہ اسرائيل کي ڪنھن بہ صورت ۾ بي پھچ مسلمانن جو رت وھائڻ جي اجازت نٿي ڏيئي سگھجي اسرائيل عالمي امن لاءِ ناسور بنجي ويو آھي. ھنن وڌيڪ چيو تہ مسلمان ملڪن کي گڏيل قومن کانسواءِ ھر فورم تي ھن ڏاڍ خلاف آواز اٿارڻ گھرجي ۽ فلسطيني ڀائرن جي مدد ڪرڻ گھرجي. احتجاج ۾ شھرين ۽ سماجي اڳواڻن بہ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نظريو ڇا آهي؟ غلط ۽ درست ڪيئن قرار ڏجي؟
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ انفارميشن آفيسرن جي سينيئر صحافي ۽ ليکڪ حاجن سولنگي جي عيادت
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو نالي وارو راڳي ذوالفقار راھي لاڏاڻو ڪري ويو
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ ايس ٽي پي پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاج
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مظھر ماڊل اسڪول ڪراچي ڪيمپس ۾ استادن جو ٽيون تربيتي سيشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
سول سوسائٽي
مسلمانن
0 تبصرے