English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سٽي پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد جو افتتاح ٿي ويو، تقريب منعقد
211 views
|
15th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
پريس ڪلب جي افتتاحي تقريب ۾ ميرپورخاص ۽ ڪوٽ غلام محمد جي سينئر صحافين جي شرڪت
ميیرپورخاص(بيورو رپورٽ) سٽي پریس ڪلب ڪوٽ غلام محمد جي افتتاحي تقريب ٿي گذري میرپورخاص ۽ ڪوٽ غلام محمد جي سینيئر صحافین جي شرڪت ، تفصیل موجب سٽي پریس ڪلب ڪوٽ غلام محمد جو افتتاح سٽي پریس ڪلب میرپورخاص جي مرڪزي صدر وارث خاصخیلي ربن ڪٽي ڪيو ۽ نیڪ خواهشات جو اظهار ڪندي چيو تہ سٽي پریس ڪلب ڪوٽ غلام محمد جي بنیاد جو مقصد مظلومن جو آواز اعليٰ ایوانن تائين پهچائڻ آھي هن چيو تہ آئون اميد ڪريان ٿو تہ سٽي پریس ڪلب ھر مظلوم جو آواز اعليٰ ایوانن تائين پهچائيندو ۽ منهنجي خواهش آھي تہ سٽي پریس ڪلب ضلعي جي ھر تعلقي ۾ قائم ڪيا وڃن ، جنهن سان ھر مظلوم کي گھر ويٺي تڪڙو انصاف ملندو اسان جو ھر میمبر مظلوم کي پنهنجو ڀاءُ سمجھي پنهنجو فرض ادا ڪندو ڪوٽ غلام محمد سٽي پریس ڪلب کان پوءِ جلد ڊگهڙي سٽي پریس ڪلب جو قیام عمل ۾ آندو ويندو، هن چيو تہ مظلومن جي لاءِ ھر سٽي پریس ڪلب جا دروازا 24 ئي ڪلاڪ کليل آھن . ان موقعي تي مرڪزي صدر عبدالستار خاصخیلي کي سٽي پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد جو سرپرست اعليٰ ، اعجاز شیخ کي چیف آرگنائيزر , سھیل خاصخیلي کي آرگنائيزر ۽ سینيئر ایڊوڪيٽ نبیلہ کي ایڊوائيزر مقرر ڪندي سمورن آيل مھمانن ۽ میمبرن کي مبارڪباد ڏني، ان موقعي تي سٽي پریس ڪلب میرپورخاص جو خزانچي فقير یوسف منڱریو ، انفارمیشن سیڪريٽري عبدالغفار لغاري ، شوڪت علي ۽ تاج محمد لاشاري سمیت ڪوٽ غلام محمد جا سینيئر صحافي پڻ موجود هئا .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
آبنائے ہرمز مزید آٹھ روز تک ’’وار آپریشنز زون‘‘ قرار، شپنگ یونینز اور کمپنیوں کا اعلان
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
پاکستان نے افغانستان میں دہشت گردوں کے ٹھکانوں پر حملے سے متعلق بھارتی بیان مسترد کر دیا
01st Jul 2026
•
تازہ ترین
موسمیاتی تبدیلی کے خطرات سے نمٹنے کے لیے وفاقی اور صوبائی سطح پر تعاون ناگزیر ہے: وزیراعظم
01st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٺٽو: پوليس مرغي جي واپاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
چهرن جي تبديلي سان ڪجهه نه ٿيندو، نظام جي تبديلي سان سنڌ کي حق ڏياري سگهجن ٿا: خالق جوڻيجو
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت اصغر مستوئي جي آزادي لاءِ احتجاجي مارچ
01st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پريس ڪلب
ميرپورخاص
ڪوٽ غلام محمد
سٽي
0 تبصرے