English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
کورواھھ ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ھاري تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
15th Oct 2023
•
سنڌي خبرون
ڦٽي ۽ سارين جي اگھھ ۾ لاٿ ھارين ۽ آبادگارن کي تباھي طرف ڌڪڻ جي سازش آھي: اشرف پليجو
کورواھ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ۽ سنڌي هاري تحريڪ کور واھ پاران سارين جو اگھ گھٽ ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو،قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو صدر پنھل سولنگي،سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ يوسف لاشاري، وڪيو لاشاري ،قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو اڳواڻ فراز شاھ، گيانچند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پريس ڪلب کورواھ کان شھيد فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ شاھ ڪريم، بٺورو روڊ ۽ گولاڙچي ڪڙيو گھنور روڊ بلاڪ ٿي ويا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو خطاب ڪندي چيو تہ وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا تہ انهن جا هٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، جنهنڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن. نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، مٿان پاڻي جي کوٽ جي ڪري فصل سڪي وڃن ٿا. سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪئي وئي آهي. پنھل سولنگي چيو تہ سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا تہ ھٿ وٺي انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو. ھاڻ ڪڻڪ جي پوکي ٿي رھي آھي، جڏھن فصل لھندو تہ ڪڻڪ جو بارداڻو آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪيو ويندو. آبادگارن کان سستي ڪڻڪ وٺي عوام کي مھانگو اٽو وڪرو ڪيو ويندو. ائين ھر فصل سان ٿئي ٿو. ڪمند، ساريون، ڦٽيون، ٽماٽو سميت ھر لھندڙ فصل جو فائدو آبادگارن بدران ڪميشن مافيا کي ڏئي سنڌ جي غريب عوام کي وڌيڪ بدحال ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. يوسف لاشاري، فراز شاھ ،گيانچند مھيشوري خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي. نقلي ٻج، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔اڳواڻن چيو تہ ڪمند جي آبادگارن کي بقايائون نٿيون ڏنيون وڃن۔ ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو۔ ڦٽين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو وڃي ٿو۔ اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي۔ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
20th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو تڪراري ڪئنال رٿا خلاف نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان, سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
کورواھ
قومي عوامي تحريڪ
سنڌي هاري تحريڪ
پليجو
سولنگي
0 تبصرے