ڊي جي ھيلٿ ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ پاران دادو ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو

دوري دوران مريضن سان گڏ سماجي ورڪرن ۽ شھرين ڊي جي ھيلٿ آڏو شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا

ڊي جي ھيلٿ ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ پاران دادو ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو دورو

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) ڊي جي ھيلٿ ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ جو عوامي شڪايتن تي اچانڪ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو جو دورو مريضن سان گڏ سماجي ورڪرن ۽ شھرين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا انموقعي تي مريضن دانھيو ته اسپتال شفا گھر بجاء ڪوس گھر بڻيل آھي انساني جانيون بچائيندڙ دوائن جي کوٽ سميت ماھر ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين سان گڏ طبي مشنري سميت ٻين سھولتن جي کوٽ آھي اسپتال لاء ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪھڙي کوھ ۾ وڃي ٿي انموقعي تي ڊي جي ھليٿ چيو ته عوام جون شڪايتون جائز آھن انڪري اسپتال لمس حوالي ڪئي آھي ته جيئن عوام کي بنا فرق جي صحت جون سھولتون بنا پئسن تي ملي سگھن ۽ وڌيڪ چيو ته دادو صحت کاتي جا ڇھ ڊاڪٽر پرڏيھي ملڪ ۾ ڊيوٽيون ڪن ٿاجڏھن ته ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون غير حاضر رھن ٿا سرڪار پاران دادو جي صحت کاتي کي لڳاتاربجيٽ ملي ٿي ڪوتاھيون ڪامورن جي نااھلي سبب ٿين ٿيون