ڊي سي نوشھروفيروز پاران پنجن ئي تعلقن جي اي سيز ۽ ٻين عملدارن سان گڏجاڻي

روينيو رڪارڊ کي اپڊيٽ ڪري عام ماڻهن کي سهولتون ڏيارڻ جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي

ڊي سي نوشھروفيروز پاران پنجن ئي تعلقن جي اي سيز ۽ ٻين عملدارن سان گڏجاڻي

نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ اندر روينيو رڪارڊ کي اپڊيٽ ڪري عام ماڻهن کي سهولتون ڏيارڻ جي حوالي سان روينيو کاتي جي منسٽر ۽ سيڪريٽري روينيو ايم بي ڌاريجو پاران وڊيو لنڪ جي ذريعي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ارسلان سليم ,جي آفيس ۾ ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن , مختيارڪارن سب رجسٽرارن سان ميٽنگ ڪئي جنهن ۾ کين هدايتون جاري ڪندي سيڪريٽري روينيو چيو ته ضلعي اندر عام ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاء روينيو جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيو وڃي , ڪچي جي زمينن جو رڪارڊ ٺاهڻ سان گڏ سڙيل رڪارڊ مينٽين ڪيو وڃي جڏهن ته جيئن ماڻهن رڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه دشواري نه ٿئي جڏهن ته بلاڪ ٿيل داخلائن جو فوري طور رپورٽون ڪري بحال ڪيون وڃن ته جيئن عام ماڻهوء کي سفر ڪرڻو نه پوي ان موقعي تي سيڪريٽري روينيو کي روينيو عملدارن پنهنجي موقف چيو ته عام ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ لاء هو هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا پر ان لاء روينيو عملدارن کي پڻ سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن آسانيء سان سڙيل رڪارڊ مينٽين ڪري ۽ پوري روينيو جي رڪارڊ کي اپڊيٽ ڪري سگهجي ضلعي اندر روينيو جي اسسٽنٽ ڪمشنرن , مختيارڪارن سميت ٻئي عملي کي ڪي به سهولتون نه آهن جهڙوڪ گاڏيون , آفيسون نه هجڻ ڪري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو اعجاز علي هاليپوٽو , اي سي علي شان ملڪ , اسپيشل مئجسٽريٽ اينڊ مختيارڪار نوشهروفيروز عبدالعزيز جوڻيجو سميت ٻين عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي