موھن جو دڙو ڀرسان اسڪول کان واپس ويندڙ شاگردن کان ڦر

ھٿياربند موٽرسائيڪل موبائيل فون ۽ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا: شاگرد

موھن جو دڙو ڀرسان اسڪول کان واپس ويندڙ شاگردن کان ڦر

موهن جو دڙو(معشوق مشوري)موهن جو دڙو ڀرسان بدامني وڌي وئي نئين آيل ايس ايڇ او کي چورن جي پهرين سلامي اسڪول کان واپسي بعد شاگرد کان موٽر سائيڪل،موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر،اين سي داخل تفصيل موجب موهن جو دڙو ڀرسان سيھڙ ٿاڻي جي حد ۾ راڌڻ اسڪول کان واپسي بعد شاگرد ظھير جوڻيجو کان سيھڙ ٿاڻي اڳيان عثمان ڪلھوڙو وٽان نامعلوم ھٿيار بنڌن هٿيارن جي زرو تي يرغمال بڻائي نئين سي ڊي موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا،جڏھن ته اھڙي واقعي جو اطلاع سيھڙ ٿاڻي کي ڏنو ويو آھي.هوڏانهن شاگرد ظھير جوڻيجو جو چوڻ ھو ته مان اسڪول کان واپس ڳوٺ سيهڙ اچي رهيو هيس ته نامعلوم هٿياربندن ڦورن مونکان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل سي ڊي ٽچ موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا،اهڙو اطلاع مان بروقت ٿاڻي تي ڏنو آھي پر پوليس ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو.هن ڊي آء جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آھي ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.