مڪلي ويجھو ڳوٺ محمد سومار جوکيو جو پرائمري اسڪول 6مھينن کان بند پيل

اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي، ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻيل

مڪلي ويجھو ڳوٺ محمد سومار جوکيو جو پرائمري اسڪول 6مھينن کان بند پيل

ٺٽو(ڊر) مڪلي ويجھو ٺٽہ سيمنٽ فيڪٽري جي ڳوٺ محمد سومار جوکيو جو پرائمري اسڪول محمد خان جوکيو گذريل 6 مھينن کان بند پيل، اسڪول جي بلدنگس بہ زبون حال بڻيل، رھواسين پاران اسڪول کولرائي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو اھي، ان سلسلي ۾ مڪلي ويجھو ٺٽہ سيمنٽ فيڪٽري لڳ ڳوٺ محمد سومار جوکيو جي ڪيترن ئي رھواسين پاران سندن ڳوٺ جي بند ٿيل اسڪول کي کولرائي زبون حال اسڪول جي بلڊنگس جي مرمت ڪرائي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ڳوٺ سڌار سنگت ضلعي ٺٽي جي ڪوارڊينيٽر محمد ابراھيم جوکيو، ٽائون ڪميٽي مڪلي جي ڪائونسلر الھبچايو جوکيو، محمد رمضان جوکيو، STP اڳواڻ قطب الدين جوکيو، صاحبڏنو سمون، حاجن شورو، طارق عمراڻي، ڪامريڊ بشير جوکيو، فيصل جوکيو جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ سندس ڳوٺ جو پرائمري اسڪول محمد خان جوکيو گذريل 6 مھينن کان بند ھجڻ ڪري ھڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم کان محروم بڻجي رھيا آھن، جڏھن تہ اسڪول جي بلڊنگس بہ زبون حال بڻيل آھي، جنھن مان چاپوڙا ڪرڻ بہ روز جو معمول بڻيل اھي، جنھن ڪري ٻارڙن جون حياتيون ھميشہ خطري ھيٺ آھن، ھنن چيو تہ تعليم کاتي جي عملدارن کي بار بار آگاھي باوجود تعليم کاتو ھن طرف ڪوبہ ڌيان ڏيڻ لاء تيار ناھي، ھنن ڊي سي ٺٽو، تعليم کاتي جي عملدارن سميت نگران سنڌ حڪومت جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ فورن بند ٿيل سندن پرائمري اسڪول کولرائي ٻارڙن کي تعليم ڏياري سندن ٻارڙن جو مستقبل سنواري گوسڙو استاد کي ڊيوٽي جو پابند بنائي زبون حال بلڊنگس جي مرمت ڪرائي ٻارڙن کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.