لاڙڪاڻي جي ڪتب ڪالوني واسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ جو پڦاٽ ۽ سندس دوست تي لڄالٽ جو الزام

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ورتو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم

لاڙڪاڻي جي ڪتب ڪالوني واسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ جو پڦاٽ ۽ سندس دوست تي لڄالٽ جو الزام

لاڙڪاڻو(بيورو)لاڙڪاڻي شهر جي ڪتب ڪالوني واسڻ ٽن ٻارن جي ماء پاران پڦاٽ ۽ سندس دوست تي اغوا ڪري اجتماعي لڄالٽ جو الزام ، عورت انصاف جي گهر ڪندي ٻارڙن سميت پاڻ ساڙي خودڪشي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو،
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان رپورٽ طلب ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
لاڙڪاڻو شهر جي ڪتب ڪالوني واسڻ ٽن ٻارڙن جي ماءُ خالدہ ٽوٽاڻي لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان، روئيندي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته پڦاٽ صابر ٽوٽاڻي پنهنجي دوست بلاول بليدي سان گڏجي اغوا ڪري قمبر صدر ٿاڻي جي حد گٽهڙ ۾ اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي
اهڙي دانهن قمبر صدر ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري.
هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته لڄالٽ جو نشانو بڻائيندڙ پڦاٽ صابر ٽوٽاڻي ۽ بلاول بليدي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو ڪيو وڃي
ٻي صورت مان پنهنجي ٻارڙن سميت پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشي ڪنديس جنهن جا ذميوار صابر ۽ بلاول هوندا.

لاڙڪاڻو هوڏانهن سوشل ميڊيا تي عورت احتجاج ۽ دانهن ڏيڻ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو جسڪاڻي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي کيس حڪم ڏنو آهي ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي