ڪراچي جي صفوران چورنگي وٽ ڇيپا ايمبولينس جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

ڇيپا ايمبولينس جو ڊرائيور نشي ۾ ڌت ھو، 12 ڪلاڪن بعد اطلاع ڏنو ويو: وارث

ڪراچي جي صفوران چورنگي وٽ ڇيپا ايمبولينس جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

گڏاپ (رپورٽر)ڪراچي صفوران چورنگي ويجهو نشي ۾ ڌت ڇيپا ايمبولينس جي ڊرائيور ھڪ نوجوان جي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. فوتي نوجوان جا ٻه موبائل فون ۽ روڪ رقم به غائب. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي. فوتي جنازي نماز ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي. تفصيل موجب ڪراچي سچل ڳوٺ ٿاڻي جي حد صفوران چورنگي ويجهو نشي ۾ ڌت ڇيپا ايمبولينس جي ڊرائيور موٽر سائيڪل کي ٽڪر زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان نوجوان آصف علي وڳڻ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع تي حد جي پوليس پھچي نوجوان جي لاش کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته حد جي پوليس نوجوان جي کيسي مان اين آء سي ملڻ باوجود فوتي جي وارثن کي ڪوبه اطلاع نه ڏنو. ان حوالي سان فوتي جي وارثن ٻڌايو ته ڇيپا ايمبولينس جو ڊرائيور نشي ۾ ڌت ھيو جنھن نوجوان آصف جي موٽر سائيڪل کي پويان ٽڪر ھنيو آھي. 12 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ اسان کي نوجوان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو آھي نوجوان جي کيسي ۾ اين آء سي پڻ موجود ھئي جنھن تي گھر جي ايڊريس شامل آھي پر پوليس اسان کي ڪوبه اطلاع ناھي ڏنو. ھنن وڌيڪ چيو ته نوجوان آصف علي جي کيسي مان ٻه موبائل فون ء ڪيش روڪ رقم به نڪتل آھي. جيڪا اسان کي ناھي ملي. ھنن چيو ته ھن مھل تائين واقعي ۾ ملوث ڇيپا ايمبولينس جي ڊرائيور کي به پوليس گرفتار ناھي ڪري سگھي. واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سچل ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪنداسين. جڏھن ته نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جي جنازي نماز سچل ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي