ڪشمور پوليس پاران 3 ڳوٺاڻا مبينا کنڀي گم، وارثن جو احتجاجي مظاھرو

پوليس گھرن تي ڪاھھ ڪري رمضان کوسو، زاھد ۽ عبدالواحد کوسو کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻا

ڪشمور پوليس پاران 3 ڳوٺاڻا مبينا کنڀي گم، وارثن جو احتجاجي مظاھرو

ڪشمور (ڊ ر)ڪشمور جي ڳوٺ بخش علي خان کوسو ۾ ڪشمور پوليس جي چڙهائي ٽن ڳوٺاڻن جي گھرن تي پوليس جي چڙهائي دوران ٽن ڳوٺاڻن رمضان کوسو، زاهد کوسو ۽ عبدالواحد کوسو جي گرفتاري خلاف کوسا برادري پاران پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهر ڪيو ان موقعي تي ڳوٺاڻن نصرالله کوسو علي مراد کوسو استاد حبييب الله کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن صبح جو سوير سندس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سونا زيور موٽرسائيڪلون 14 لک کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ لائسنس وارا قيمتي ھٿيار کڻي ويا آهن ۽ ٽن ڳوٺاڻن کي رمضان کوسو واحد کوسو زاھد کوسو کي گرفتار ڪيو ويو آهي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ جي ڪنهن به رھواسي مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ٿيل ناهي ڳوٺ جا رهواسي اڪثر سرڪاري ملازم ۽ عزت دار شهري آهيون اسان کي بي گناھ ڏوهاري ڄاڻائي نشانو بڻايو پيو وڃي احتجاج ڪندڙ کوسا برادري جي ماڻهن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻه کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي