ڪنب واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو ڪراچي ۾ احتجاج

ڳوٺ پتاشو خان لاشاري واسي نويد لاشاري ۽ ناري افشان مهراڻي احتجاج ڪيو

ڪنب واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي: ڪنب واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي پاران ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو آھي،

خيرپور ضلعي جي ڳوٺ پتاشو خان لاشاري واسي نويد لاشاري ۽ ناري افشان مهراڻي احتجاج ڪندي چيو تھ ڪنب پوليس سندن زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي، اسان خيرپور جي عدالت ۾ رضا خوشي سان مرضي جي شادي ڪئي آهي

نويد لاشاري جو چوڻ ھو تھ ناري جي وارثن منهنجي خلاف ڪنب ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو

ناري افشان مهراڻي چيو تھ مون پنهنجي رضا خوشي سان نويد سان پسند جي شادي ڪئي آهي،

جنهن تي منهنجو والد غلام شبير، مامو محمد علي ۽ بااثر سڪندر مهراڻي مڇرجي پيا آهن
ناري جو چوڻ ھو تھ منهنجي مٿان ڪنهنجو به دٻاءُ ناهي، مان پنهنجي مڙس نويد سان خوش آهيان،
منهنجي مڙس ۽ ان جي مائٽن خلاف اغوا جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪري اسان کي سڪون جي زندگي گذارڻ ڏني وڃي