ڏهرڪي پوليس غير قانوني ترسيل افغاني پٺاڻن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ايس ايس پي جي حڪم تي افغانين خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن: ايس ايڇ او

ڏهرڪي پوليس غير قانوني ترسيل افغاني پٺاڻن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪري ڇڏيو

ڏهرڪي (نويد چغتائي ) ڏهرڪي پوليس جو غير قانوني ترسيل افغاني پٺاڻن خلاف ڪريڪ ڊائون پوليس ڪاروائي ڪندي ٻن افغاني پٺاڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ افغاني پٺاڻن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ٻن افغانين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ سميت شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل پٺاڻن کان جاچ ڪئي پئي وڃي (ايس ايڇ او ڏهرڪي)خبر موجب ڏهرڪي پوليس شهر ۽ ڀرپاسي ۾ غير قانوني ترسيل افغاني پٺاڻن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد پوليس ڪاروائي ڪندي ٻن افغاني پٺاڻن ڪشمير خان ولد خدائي نور ۽ سلطان محمد ولد جمع خان کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪرڻ بعد مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڏهرڪي ثناالله کونهارو ٻڌايو ته ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ افغاني پٺاڻن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو آهي جنهن بعد پوليس مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪندي ٻن افغاني پٺاڻن ڪشمير خان ۽ سلطان محمد پٺاڻ خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس پاران شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل ٻن پٺاڻن کان جاچ ڪئي پئي وڃي