راڻيپور مان معوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ پيادل مارچ سکر لاءِ روانو

قومي شاهراهه تي لڳل 27 ڪئمپ تان پيادل ماچ سکر پريس ڪلب روانو

راڻيپور مان معوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ پيادل مارچ سکر لاءِ روانو

راڻيپور: وائس آف راڻيپور هندو پنجائت ۽ يونائيٽڊ لائرس اينڊ سول سوسائٽي پاران پريا ڪماري سميت سنڌ مان اغوا ڪيل مغوين جي بازيابيء لاء قومي شاهراهه تي لڳل 27 ڪئمپ تان پيادل ماچ سکر پريس ڪلب روانو
جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر نذير کوکر سڪندر سرڪي روشن لغاري نويد سهتو عطا محمد ڀٽو ساجد مڱريو مدد علي ملاح امام بخش شاھاڻي مراد شاھاڻي سبحان ميمڻ ڪري رهيا هئا
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته راڻيپور ۾ 27 ڏيهن کان پريا ڪماري جي بازيابي لاء ڪئمپ جاري رکي آھي
اڄ پيادل مارچ راڻيپور مان نڪتو آھي جيڪو ٽن ڏينهن جو سفر ڪري سکر پريس ڪلب پھچندو جتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي
پريا ڪماري محرم جي مهيني ۾ امام حسين عليه السلام جي سبيل هلائيندي اغوا ٿي وئي جنهن بعد ان جي امڙ مسلسل احتجاج ڪيا پنهنجي اکين جا لڙڪ هاريندي رهي پر پوليس پريا کي بازياب نه ڪرائي سگهي