فيض گنج: پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀيڻ پلاند ۾ مبينا اغوا

ڳوٺ جهانيان آباد ۾ هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري 14سالن جي تهمينا لاشاري کي اغوا ڪري ويا

فيض گنج: پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀيڻ پلاند ۾ مبينا اغوا

فيض گنج ويجھو پيار پرڻو ڪندڙ نوجوان جي ڀيڻ هٿياربندن هٿان پلاند ۾ مبينا اغوا
ڳوٺ جهانيان آباد ۾ هٿياربندن گهر تي ڪاهه ڪري 14سالن جي تهمينا لاشاري کي اغوا ڪري ويا
ناري جي امڙ نصرت خاتون راڄپر جو چوڻ آھي تھ پٽ نديم لاشاري راڄپر برادري سان تعلق رکندڙ سويرا راڄپر سان پيار پرڻو ڪيو آهي
جنهن جي پلاند ۾ منهنجي ڌي تهمينا کي محبوب لاشاري ۽راڄپر برادري سان تعلق رکندڙ هٿيار بند اغوا ڪري ويا آهن
ڌيء جي اغوا واقعي خلاف فيض گنج ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري
ناري جي والد ممتاز لاشاري جو چوڻ آھي تھ خطرو آهي ته پلاند ۾ ڌيءَ جي زبردستي شادي ڪرائي ويندي يا کيس قتل ڪيو ويندو