سجاول ۾ ساريون مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط اگھھ ۾ گھٽتائي

رائيس مل مالڪن سارين جي اگھن ۾ ھٿرادو گھٽتائي ڪري ڇڏي

سجاول ۾ ساريون مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط اگھھ ۾ گھٽتائي

سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ۾ سارين جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پھچي ويو، رائس مل مالڪن فصل لھندي ئي سارين جو اگھ ڪيرائي ڇڏيو، رائس مل مالڪ اگھ گھٽائڻ سميت مختلف ڪٽوتين جي آڙ ۾ آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ لڳا آھن.آبادگارن پاران سارين جو پراڻو اگھ واپس مقرر ڪرڻ ۽ ناجائز ڪٽوتيون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي. سجاول ۾ سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط ئي رائس مل مالڪن پنھنجا من پسند ريٽ مقرر ڪندي سارين جو 4600 سو روپيہ في مڻ مان گھٽائي 3000 روپين کان 3500 سو روپيا في مڻ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. جيڪو پڻ روز بروز گھٽائڻ جو سلسلو جاري آھي. ان کان علاوہ في مڻ تي سارين ۾ آلاڻ ھجڻ(موسچر)، مڪس ان ھجڻ، ايڪيتال، ۽ ٻين مختلف بھانن سان 3 کان 5 ڪلو ڪٽوتي ڪرڻ پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. جنھن ڪري آبادگارن کي ٻٽو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رھيو آھي ۽ آبادگارن کي فصل تي ڪيل خرچ بہ نہ نڪرڻ سبب مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن. ان سلسلي ۾ آبادگارن شير علي شاھ بخاري، غلام مصطفي ميمڻ، عبدالله ٻارڻ، نور محمد مالاڻو ۽ ٻين جو چوڻ آھي تہ ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ پاڻي جا ڳرا خرچ ڪري سارين جو فصل پوکيون ٿا جڏھن تہ راتين جا اوجاڳا ڪري نانگ لتاڙي فصل تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آڻيون ٿا تہ رائس مل مالڪ سرمائيدارن جي ھڪ ھٺي ۽ بدنيتي سبب اسان کي فصلن تي ڪيل خرچ بہ ڳچي ۾ پئجي ويندو آھي.انھن چيو تہ رائس مل مالڪ پاڻ وٽ سارين جي آلاڻ چيڪ ڪرڻ جي رکيل ناڪارہ مشينن ذريعي آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري سارين جي في مڻ تي 3 کان 4 ڪلو ڪٽوتي ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان ڏئي رھيا آھن. آبادگارن ڊي سي سجاول عبدالواجد شيخ کان مطالبو ڪيو تہ رائس مل مالڪن جي ھڪ ھٺي ختم ڪرائي سارين جو پراڻو اگھ بحال ڪرايو وڃي ۽ موائسچر چيڪ ڪرڻ واري ناڪارہ مشين جو استعمال غير قانوني قرار ڏئي آبادگارن جو معاشي استحصال ٿيڻ کان بچايو وڃي.