ٺٽي جي ٽريزري آفيس ۾ پينشن سان لاڳاپيل مسئلن بابت ڊي سي جي صدارت ھيٺ اجلاس

اجلاس ۾ پينشرن جا مسئلا حل ڪرڻ واسطي اي جي سنڌ ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ جا واسطيدار آفيسر بھ شريڪ

ٺٽي جي ٽريزري آفيس ۾ پينشن سان لاڳاپيل مسئلن بابت ڊي سي جي صدارت ھيٺ اجلاس

ٺٽو(ڊ ر) اڄ درٻار ھال ٺٽو ۾ ٽريزري آفيس ۾ پينشن سان وابسطه مسئلا حل ڪرڻ لا ڊي سي ٺٽو اسدعلي خان جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو،جنھن ۾ پينشرن جا مسئلا حل ڪرڻ واسطي اي جي سنڌ ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ کان پڻ واسطيدار آفيسر شريڪ ٿيا اتي عوامي پريس ڪلب جي صدر بلاول سمون غريب پينشرن جي نمائندگي ڪندي مختلف مسئلن تي ڳالھائي مسئلا حل ڪرايا ۽ ڪجھ معاملن تي خاص طور پينشن جا رھيل پئسا ڏيارڻ لا ڪميٽي تي زور ڀريو جن سڀني پينشرن جي رھيل فنڊ کي ھڪ ئي دفعا ڏيڻ لا انگ اکر گڏ ڪري ايتري رقم جي منظوري جو وعدو ڪيو الله ڪندو ٻن ٽن مھينن ۾ سڀني پينشرن کي رقم ملي ويندي