ٺٽي ۾ نگران وڏي وزير جي ھدايتن تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن لاءِ کلي ڪچھري منعقد

ٽريزري آفيسن ۾ خاص ڪري پينشنرز جي حوالي سان ڪافي مسئلا سامهون آيا آھن: عامر حسين

ٺٽي ۾ نگران وڏي وزير جي ھدايتن تي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن لاءِ کلي ڪچھري منعقد

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) نگران وزير اعليٰ سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي خاص هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس ٺٽو سان لاڳاپيل حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ملازمن جي شڪايتن جي حل لاءِ ڊپٽي سيڪريٽري فنانس عامر حسين جي اڳواڻي ۾ ڊي آءِ جي (ٽريزري) اقبال احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان، اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ عبدالخالق ميمڻ ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر الطاف منگي تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي پاران دربار هال مڪلي ۾ کليل ڪچھري منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي رٽائرڊ ملازمن پاران ايل پي آر، گريجوئيٽي، ڪميوٽيشن، فيملي پينشن ۾ دير ۽ پينشن ۾ واڌ واري رقم نه ملڻ بابت شڪايتون ڪيون ويون جڏهن ته ڪميٽي پاران فوري حل طلب مسئلن جي حل لاءِ موقعي تي موجود لاڳاپيل عملدارن کي حڪم پڻ جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي ڪميٽي جي سربراهه ڊپٽي سيڪريٽري فنانس عامر حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽريزري آفيسن ۾ خاص ڪري پينشنرز جي حوالي سان ڪافي مسئلا سامهون اچڻ بعد سنڌ جي نگران وڏي وزير جي هدايتن تي پينشنرز جا مسئلا ٻُڌڻ لاءِ سمورن ضلعن ۾ کليل ڪچھريون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ٽريزري آفيس جون شڪايتون ۽ پينشنرن کي پيش ايندڙ مسئلا ٻڌي بروقت نوٽ ڪري انهن جي حل لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي تحريري هدايتون جاري ڪري سگهجن. هن چيو ته پينشنرن پاران ڪيتريون ئي شڪايتون نوٽ ڪيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان هڪ مناسب ميڪنزم جوڙيو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون شڪايتون ۽ مسئلا پيش نه اچن جڏهن ته پينشنرن کي بنا ڪنهن سبب جي تنگ ڪرڻ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ايل پي آر، گريجوئيٽي ۽ ڪميوٽيشن جي مد ۾ بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ ناڻي کاتي پاران سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اميد آهي ته اهي مسئلا به جلد حل ٿي ويندا، ان کانسواءِ جن پينشنرن کي جولاءِ 2023ع ۾ واڌي نه ملي هئي تن کي به هن مهيني پينشن سان گڏ واڌي واري رقم پڻ جاري ڪئي ويندي. هن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته حاضر سروس ۽ رٽائرد سرڪاري ملازمن جا جائز مسئلا بنا ڪنهن فرق جي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن ته جيئن کين ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. کليل ڪچھري ۾ اڪائونٽس آفيسر سميع الله شيخ، مير عبدالرزاق تراب، منير احمد، آفتاب احمد،عوامي پريس ڪلب جو صدر بلاول سمون رٽائرڊ ملازمن، استادن جي تنظيمن جي نمائندن، آپڪا اڳواڻن ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي.