ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پ پ پاران بلاول ڀٽو جي سالگرھھ تقريب منعقد

شهيد ڀٽو جي پوٽي بلاول ڀٽو زرداري عوام سان لاڳاپو قائم رکيو آهي: سائين بخش بنگلاڻي

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ پ پ پاران بلاول ڀٽو جي سالگرھھ تقريب منعقد

ڪراچي(رپورٽر) پ پ ڪورنگي جي اڳواڻ سائين بخش بنگلاڻي چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي بلاول ڀٽو زرداري عوام سان لاڳاپو قائم رکيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سائين بخش بنگلاڻي چيو ته ڪراچي پيپلز پارٽي جو مضبوط قلعو بڻجي چڪو آهي، جنهن جو ثبوت ڪراچي جي ميئر آھي ھن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بھادر ليڊر آھي ھو کيس سالگرھ جون واڌايون ڏين ٿا سندس چوڻ ھو ته سنڌ کانپوء سڄو ملڪ پ پ جو قلعو ثابت ٿيندو سائين بخش بنگلاڻي چيو ته عوام کي آزاديءَ سان پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪرڻ ڏنو وڃي. آزاد ۽ شفاف چونڊن جي صورت ۾ ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو، اسان کي ڪنهن جي خواهش تي اعتراض ناهي، اسان جي دعويٰ آهي ته ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو هوندو.