ٺٽي ۾ ملھھ پھلوان جي سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ احتجاج

پھرئين جوڙ جي ملھ پھلوان واحد بخش کيرو جو ھنگامي بنيادن تي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي

ٺٽي ۾ ملھھ پھلوان جي سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ احتجاج

ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) سنڌ جي ملھ پھلوانن سان ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ خلاف ۽ ڪينسر جي بيماريءَ سان جھيڙيندڙ ٺٽي جي پھرئين جوڙ جي ملھ پھلوان واحد بخش کيرو جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ ۽ ملھ پھلوانن کي ماھوار وظيفو ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪلچرل فورم ضلع ٺٽي طرفان پبلڪ پارڪ مڪليءَ اڏو فورم جي مرڪزي چيئرمين صادق لاکو،ملھ پھلوان محمد عيسي صابرو،محرم علي پنھور،ملھ پھلوان عنايت خاصخيلي،صاحب خان سمون ،رحمت الله سمون جي قيادت ۾ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج دوران ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٺٽي ضلع جي پھرئين جوڙ جي ملھ پھلوان واحد بخش کيرو جو ھنگامي بنيادن تي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ملھ راند کي سنڌ جي سرڪاري راند قرار ڏنو وڃي ،ملھ پھلوانن جي رجسٽريشن ڪري پھرئين،ٻئي ء ٽئين جوڙ جي ملھ وڙھندڙ ۽ ريٽارئرڊ توڙي معزور ٿيندڙ ملھ پھلوانن کي گھٽ ۾ گھٽ پنجاھ هزار ماھوار ھزار وظيفو ڏنو وڃي،ضلع سطح تي نوجوانن کي ملھ راند سيکارڻ لاءِ اکاڙا قائم ڪيا وڃن ،احتجاج دوران صحافين سان ڳالهائيندي صادق لاکو،ملھ پھلوان نور محمد کيرو،لالا عبدالرحيم،ڪامريڊ محمد خان سمون ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي راندين واري کاتي وٽ سنڌ جي قومي راند ملھ ء انجي پھلوانن جي ڪابه اھميت ناھي جنھن ڪري ڪيترائي بھترين پھلوان ڪسمپرسي ،بيمارين ۽ معزوريء واري حالت ۾ واري ۾ وفات ڪري وڃن ٿا پر سنڌ حڪومت توڙي راندين واري کاتي وٽ پھلوانن جي ڪابه رجسٽريشن به ڪانه آھي ھنن سنڌ حڪومت ء صاحب حيثيت ماڻھن کي اپيل ڪئي ته ڪينسر جي بيماريءَ سان جھيڙيندڙ ٺٺي جي پھرئين جوڙ جي خوبصورت نوجوان پھلوان واحد بخش کيرو جو ھنگامي بنيادن تي علاج ڪرايو وڃي ۽ ملھ پھلوانن کي آھي سڀ سھوليتون ء ملازمتون ڏنيون وڃن جيڪي ڪرڪيٽ ء ھاڪيء جي رانديگرن کي ڏنيون وڃن ٿيون،