ڊبل سيڪشن ھاءِ اسڪول بئراج ڪالوني سکر جي استادن ۽ اسڪول انتظاميه جي گڏيل گڏجاڻي

ظھير احمد ابڙو، عاشق حسين مھر، شاھنواز سومرو، حاجي اشفاق احمد مھر، مشتاق علي لنڊ، راشد عباسي ۽ ٻيا شريڪ

ڊبل سيڪشن ھاءِ اسڪول بئراج ڪالوني سکر جي استادن ۽ اسڪول انتظاميه جي گڏيل گڏجاڻي

سکر (بيورو) ڊبل سيڪشن ھاء اسڪول بئراج ڪالوني سکر جي استادن ۽ اسڪول انتظاميه جي ھڪ گڏيل اھم گڏجاڻي اسڪول جي ھيڊ ماستر محمد حسن ٻرڙو جي صدارت ۾ ڪمپيوٽر ليب ۾ ٿي گذري . گڏجاڻيء ۾ اسڪول جي سڀني استادن شرڪت ڪئي . گڏجاڻي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي جنھن جي سعادت استاد حضرت غلام عباس ڀٽي حاصل ڪئي . اسم وائيز ايجنڊا موجب اسمن کي گڏيل مشاورت سان اڪلايو ويو . پي۔ ايم ۔ ايس ۔ ايپ ۾ ٿيندڙ مسئلن کي نوٽ ڪري اعلي اختيارن کي لکت ۾ موڪليو پيو وڃي . اسڪول ۾ معياري تعليم تي اطمينان جو اظھار ڪيو ويو . ڪورس ترتيب موجب مڪمل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ جو وچن ڪيو ويو . اسڪول جي سربراه محمد حسن ٻرڙو صاحب صدارتي خطاب ڪندي ٽيم ورڪ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته پاڻ سڀني کي گڏيل حڪمت عملي ذريعي حدف حاصل ڪرڻا آھن . سندس تجويز تي اسڪول ۾ ھڪ پر وقار ۽ شاندار پروگرام , ” سيرت النبي صه ڪانفرنس “ جي انعقاد جو فيصلو ٿيو . ھن تاريخي ۽ شاندار پروگرام ” سيرت النبي ڪانفرنس “ جا مک مھمان حافظ شھاب الدين انڍڙ , ڊائريڪٽر ايلمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر ھوندا سندس مشاورت سان تاريخ مقرر ڪئي ويندي . گڏجاڻيء ۾ ظھير احمد ابڙو , عاشق حسين مھر , شاھنواز سومرو , حاجي اشفاق احمد مھر , اسدالله سومرو , اشفاق حسين , مشتاق علي لنڊ , راشد احمد عباسي , غلام عباس ڀٽي , وقار السميع سومرو , فھيم احمد قريشي دانش وقار منگي , مجتبي حسن سومرو , طارق علي سومرو ثناء الله انصاري ,۽ ٻين پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو .