گڏاپ: نور محمد ڳوٺ کي ٽيون ڀيرو ڊاھڻ جي ڪوشش، رھواسين جو مين روڊ تي ڌرڻو

اينٽي انڪروچمينٽ سيل. ضلع ايسٽ جي مختلف ٿاڻن جي نفري مشينري ساڻ ڪري ڳوٺ ڊاھڻ لاءِ پھتي

گڏاپ: نور محمد ڳوٺ کي ٽيون ڀيرو ڊاھڻ جي ڪوشش، رھواسين جو مين روڊ تي ڌرڻو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي اسڪيم 33 سھراب ڳوٺ ٽائون جي علائقي نور محمد ڳوٺ کي ٽيون ڀيرو ڊاھڻ لاء اينٽي انڪروچمينٽ سيل. ضلع ايسٽ جي مختلف ٿاڻن جي نفري وڏيون مشينري ساڻ ڪري ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن خلاف ھزارن جي تعداد ۾ ڳوٺاڻان پنھنجا اجھا بچائڻ لاءِ مين روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. بلڊرمافيا خلاف سخت نعري بازي ڪئي. مظاھرين اعلي اختيارين نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. تفصيل موجب. ڪراچي سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم نامي تي ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي ٽيون ڀيرو ڊاھڻ لاء اسٽنٽ ڪمشنر اوڀر ثناء الله ڪلوڙ. جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار. ايس ايڇ او اينٽي انڪروچمينٽ احمد علي ضلع ايسٽ جي مختلف ٿاڻن سھراب ڳوٺ. سائيٽ سپر ھاءِ وي. سچل ڳوٺ. مبينا ٽائون ۽ ٻين جي پوليس نفري وڏيون مشينري ساڻ ڪري ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي. جنھن دوران وڏي تعداد ۾ نور محمد ڳوٺ جا رھواسي مرد توڙي عورتون ھزارن جي تعداد ۾ پنھنجا گھر بچائڻ لاء پھچي ويا. جن انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مين چونڪ تي ڌرڻو ھڻي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاھري جي اڳواڻي نور محمد برفت. صفدر ابڙو. ديدار چانڊيو. علي برفت. اسلام جان بٽني. عالم بروھي. انجم ڪيريو. نبي بخش برفت. عبدالمجيد برفت ۽ بين ڪئي. مظاھرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ خلاف بلڊر مافيا طرفان مسلسل سازشون ڪري ٽيون ڀيرو ڳوٺ کي ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اسان جي ڳوٺ جو ڪيس ھاء ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي ھي پراڻو سنڌ ھاء ڪورٽ جو آرڊر کڻي ضلع اوڀر انتظاميه بلڊر جي ونگار تي ھتي پھتي آھي. اسين ڪنھن به صورت ۾ پنھنجا گھر خالي نه ڪنداسين. ھن زمين جو ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ ھلندڙ آھي ان جي آرڊر جو انتظار ڪيو وڃي. اسين عدالت سڳوري مان پر اميد آھيون. ٻي طرف اسٽنٽ ڪمشنر اوڀر ثناء الله ڪلوڙصرف اھو چئي واپس روانو ٿيو ته ھن ڳوٺ کي ڊاھڻ لاء سنڌ ھاء ڪورٽ جي حڪم تي پھتا آھيون ھن ڳوٺ کي خالي ڪرائڻ جو آرڊر آھي اسان سان گڏ اينٽي انڪروچمينٽ سيل. روينيو عملو. ضلع اوڀر جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري پڻ موجود آهي. جڏھن ته ڳوٺاڻن جي احتجاج کانپوءِ ڪاروائي کي روڪيو ويو آهي. مظاھرين سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. نگران حڪومت سنڌ کان نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ جي سازش ۾ ملوث بلڊر مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مسڪين غريب ماڻهن جا گھر ڊاھڻ کان بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي