English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جاگيرداري ۽ سرداري نظام ظلم، بربريت، دھشتگردي جو ٻيو نالو آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
11th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلزپارٽي سرداري ۽ جاگرداري نظام ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ جاگيرداري ۽ سرداري نظام ظلم، بربريت، دھشتگردي جو ٻيو نالو آھي، پيپلزپارٽي سرداري ۽ جاگرداري نظام ذريعي سنڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي ڌاڙيلن، ڏوھارين، ظالم سرداري ۽ جاگيرداري جي سرپرست آھي. زرداري ٽولو فرسوده ۽ بدبودار سرداري ۽ جاگيرداري نظام ذريعي سنڌ جي اقتدار تي ايندڙ اليڪشن ۾ قابض ٿيڻ چاهي ٿي. ڪندڪوٽ ڪشمور مان روزانو ماڻھو اغوا ٿين ٿا لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ قتل، اغوا، ڌاڙا، ڦرون ۽ ٻيا ڏوھ وڌي ويا آھن۔ پوليس سردارن ۽ ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ٻين ضلعن مان ڪيترائي ماڻھو اغوا ٿي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پوليس جي نااهلي ۽ ناڪامي جي ڪري سنڌ ۾ بدامني ٻيھر وڌي وئي آهي. ماڻهو اغوا ٿي رھيا آھن، قتل جا واقعا وڌي رھيا آھن، اغوائن جي واقعن مان لڳي ٿو تہ ھتي قانون نالي ڪا بہ شئي ناهي، پوليس تماشائي بڻيل آهي. سنڌ پوليس عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ بدران ڏوھارين جا سرپرست بڻيل آهي. ڪچي ۾ پوليس کان وڌيڪ طاقتور ڌاڙيل آھن جن وٽ جديد ھٿيار آھن. ڌاڙيل پوليس جوانن کي شھيد ڪري رھيا آھن. حڪومت ٻڌائي تہ ڌاڙيلن وٽ اھي ھٿيار ڪيئن آيا. ڪنھن پھچايا. ڌاڙيلن تائين ھٿيار پھچڻ نگران حڪومتي جي ناڪامي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ۽زرداري مافيا سنڌ کي خونن، ڌاڙن، اغوائن، ٻوڙائڻ، پنائڻ، بدامني، لاقانونيت، منشيات، ڪرپشن ۽ خودڪشين کان سواء ٻيو ڇا ڏنو آهي پيپلز پارٽي خوني قيبلائي نظام جي سرپرستي ڪري رھي آھي۔ پيپلزپارٽي نٿي چاھي تہ سنڌ مان قبيلائي دھشتگردي ۽ ڏوھن جو خاتمو ٿئي. سردارن ۽ وڏيرن جي مرضي جا ايس ايس پيز مقرر آھن۔ پوليس آزاد ناھي۔ انھن کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪري انھن کي آزادي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ قانوني جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مقصد قيامِ امام حسين عليه السلام...!!
07th Jul 2025
•
شوبز
’اسکوئڈ گیم‘ کے تیسرے سیزن نے تہلکہ مچا دیا، تین دن میں عالمی ریکارڈ قائم کر دیا
07th Jul 2025
•
شوبز
”عزت دو، عزت لو“ نادیہ خان کے بیان پر زرنش کا ردعمل
07th Jul 2025
•
شوبز
ڈرامہ انڈسٹری خواتین کے لیے غیر محفوظ ہے، لڑکیاں ذہنی طور پر تیار رہیں اور بچاؤ کے طریقے سیکھیں: ریحام رفیق
07th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مقصد قيامِ امام حسين عليه السلام...!!
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سيمينٽ فيڪٽري وٽ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ويجهو 4 ڄڻن پاران نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي جو انڪشاف
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
خانپور ويجهو ڳوٺ حبل سيٺار ۾ سيٺار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاء ميڙ منٿ قافلو پهتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Ayaz latif palijo
0 تبصرے