سانگھر ۾ نوجوانن ۽ پٺتي پيل طبقي لاءِ ووٽر ايجوڪيشن مھم تحت آگاھي پروگرام منعقد

چانن ڊولپمينٽ ايسوسيئشن ۽ سنڌ گرين فائونڊيشن طرفان منعقد پروگرام ۾ عورتن، وڪيلن صحافين جي بھ شرڪت

سانگھر ۾ نوجوانن ۽ پٺتي پيل طبقي لاءِ ووٽر ايجوڪيشن مھم تحت آگاھي پروگرام منعقد

سانگهڙ (پ ر) سماجي اڳواڻن نوجوانن ۽ پٺتي پيل طبقن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ووٽ جي طاقت ذريعي پنهنجا حق وٺي سگهجن ٿا، ان لاءِ اسان کي پنهنجي قيمتي ووٽ جو صحيح ۽ ضرور استعمال ڪرڻو پوندو،هنن اهڙو اظهار چانن ڊولپمينٽ ايسوسيئشن ۽ سنڌ گرين فائونڊيشن طرفان نوجوانن ۽ پوئتي پيل طبقن لاءِ ووٽر ايجويڪيشن مهم جي سلسلي ۾ سانگهڙ جي مقامي هوٽل ۾ مشاوراتي ۽ آگاهي پروگرام ۾ ڪيو، پروگرام ۾ اليڪشن ڪميشن، نادرا، سياسي پارٽي جي نمائندن، سماجي تنظيمن، نوجوانن، عورتن ۽ اقليتي برادري جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙن اڳواڻن، وڪيلن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ چانن ڊولپمينٽ ايسوسيئشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد شهزاد ۽ پروگرام مئنيجر حرا ناز ووٽر ايجوڪيشن مهم جي باري ۾ تفصيلي آگاهي ڏيندي چيو ته چانن طرفان مختلف ضلعن ۾ ووٽر ايجوڪيشن مهم جو آغاز ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هن مهم ۾ نوجوانن، عورتن، اقليتي برادري ۽ پوئتي طبقن کي ووٽ جي اهميت ووٽ متعلق آگاهي ڏني ويندي ته جئين لاڳاپيل طبقو جهموري عمل ۾ شامل ٿي سگهي. پروگرم ۾ سنڌ گرين فائونڊيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نور محمد منگي چيو ته ووٽ متعلق آگاهي بي انتها ضروري آهي. پوئتي طبقو شناختي ڪارڊ يا آگاهي نه هئڻ ڪري ووٽ جي حق کان محروم ٿئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن جو جهموري عمل ۾ شامل هجڻ بي انتها ضروري آهي. ملڪي سطح جي هيءَ مهم اميد ته سانگهڙ ۾ ڪارائتي ثابت ووٽ جي طاقت ذريعي پنهنجا حق وٺي سگهجن ٿا، ان لاءِ اسان کي پنهنجي قيمتي ووٽ جو صحيح ۽ ضرور استعمال ڪرڻو پوندو،. پروگرام ۾ اليڪشن ڪميشن سانگهڙ جي ٽيم مان محمد عمير، صائمه ستارڳالهائيندي چيو ته سانگهڙ ۾ ووٽر ايجوڪيشن مهم جو شروع ٿيڻ سٺو عمل آهي. ڊسٽرڪ اليڪشن طرفان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميش جي ٽيم ووٽ جي ايڊريس جي تبديلي ۽ مختلف مرحلن جي باري ۾ تفيصلي ڄاڻ ڏني ۽ مهم ۾ سهڪار جو عزم ڪيو. پروگرام ۾ نادرا جي زونل هيڊ رفيق احمد شناختي ڪارڊ ٺهڻ جي مختلف مرحلن ۽ موبائيل رجسٽريشن وين جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته مهم ۾ نادرا طرفان ووٽر رجسٽريشن جي عمل ۾ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو. پروگرام ۾ سوالن جوابن جي سلسلو به رکيو ويو.