اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسد اللھ ڀٽو جي ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار

ڪراچي شھر ۾ بدامني وڌي وئي آھي، ڦرون ۽ ڌاڙا معمول بڻجي ويا آھن: مولانا اسد اللھ ڀٽو

اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسد اللھ ڀٽو جي ڪراچي ۾ وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظھار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو گلشن معمار ۽ احسن آباد سميت ڪراچي ۾ وڌنڌڙ اسٽريٽ ڪرائم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي زور ڏنو اهي ته حڪومت شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت توڙي ڏوهن جي خاتمي لاءِ موثر قدم کڻي ته جيئن شهري سُک جو ساهه کڻي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن احسن آباد ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪن شمائل صديقي جي والد جي وفات تي تعزيت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. مولانا ڀٽو جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ڏينهن گلشن معمار بنگالي موڙ آچر بازار ويجهو جامعه ڪراچي جي اسٽنٽ پروفيسر شعبه تعليم جي ڊائريڪٽرمعروف بن رئوف کي هٿيارن جي زور تي ڦُرلُٽ ڪئي وئي، کائنس ليپ ٽاپ، نقدي، موبائل ۽ موٽرسائيڪل ڦري فرار ٿي ويا، هٿياربند ماڻهو ٽولن جي شڪل ۾ عوام کان ڦُرلُٽ ڪري رهيا آهن، ماڻهو پنهنجي گهرن، فليٽن ۽ دڪانن ۾ به محفوظ ڪونه آهن، رهزنن مسجد جي پيش امام کان ويندي ريڙهي وارن کي به ناهي بخش ڪيو قائد جي شهر جي اهڙي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، ميڊيا رپورٽس موجب سنڌ ۾ سرڪار ۽ پوليس چيف جي تبديلي باوجود حالتون جئين جو تئين آهن، آگسٽ جي 31 ڏينهن اندر 50 ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو جڏهن ته وارڌاتن جي تعداد 08 هزار207 ۽ هر روز 265 ڏوهه ٿيا آهن. مولانا اسدالله ڀٽو مرحوم جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پوئنرن لاءِ صبر جميل جي دُعا پڻ ڪئي. صوبائي ناظم ماليات محمد دين منصوري، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا ۽ اين ايل ايف جو مرڪزي اڳواڻ سيد نظام الدين شاه پڻ ان موقعي تي موجود هئا.