English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: يوسي چيئرمين پاران ايڇ ڊي ايف پرائمري اسڪول ۾ درسي ڪتاب تقسيم
views
|
12th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
يوسي شاھھ مريد جي چيئرمين شاھجھان خاصخيلي پاران سرڪاري ڪتاب ورھايا ويا
گڏاپ (رپورٽر )گڏاپ يوسي شاھ مريد جي چيئرمين شاھجان خاصخيلي ايڇ ڊي ايف پرائمري اسڪول ۾ تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي طرفان ڏنل ڪتاب تقسيم ڪيا. تفصيل موجب گڏاپ جي علائقي خير محمد بروھي ڳوٺ ايڇ ڊي ايف پرائمري اسڪول جي شاگردن ۾ يوسي شاھ مريد جي چيئرمين شاھجان خاصخيلي. معززين محبوب علي جوکيو. مولا بخش بروھي ۽ ٻين سنڌ حڪومت طرفان مليل ڪتاب. پينسلون ٻارڙن ۾ تقسيم ڪيون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاھجان خاصخيلي چيو ته يوسي شاھ مريد ۾ بند پيل اسڪول کولرايا ويا آهن. ھر اسڪول ۾ پھچي وزٽ ڪري استادن کي مقرر ڪرائڻ ۽ اسڪول ۾ سھولتون مھيا ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رھيا آھيون. ھن وقت ڪتاب مھانگا ٿي ويا آهن جيڪي ھر ھڪ ماڻهو جي وٺڻ کان چوٽ چڙھيل آهن جنهن سبب اڪثر ٻھراڙين ۾ مسڪين ماڻهو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري نٿا سگھن. يوسي شاھ مريد جي اسڪولن ۾ تعليم کي عام ڪيو ويندو ۽ ھر هڪ ٻار کي تعليم جي روشني سان جرڪايو ويندو، سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي وڌ ۾ وڌ داخلا ڪرائڻ لاء مهم هلائي رھيا آھيون. استادن سان گڏ والدين جي به ذميواري آھي ته ٻارن کي بهتر تعليم سان گڏ بهترتربيت به ڪن ۽ وڌ کان وڌ سرڪاري اسڪولن ۾ پنھنجي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن. جيئن ٻار تعليم ذريعي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. ھن چيو ته سنڌ گورنمنٽ ۽ EDO ايجوڪيشن ملير. ٽي او گڏاپ جا ٿوارائتا آھيون جن گڏاپ جي شاھ مريد يوسي جي اسڪولن ۾ معصوم ٻارن کي مفت ڪتاب ڏئي سندن چھرن تي خوشي آندي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ نڪتل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو قافلو نوشهروفيروز پهتو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ گسٽا سنڌ ۽ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گسٽا، پ ٽ الف ۽ بين استاد تنظيمن جي سڏ تي مظاهرا
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 14هين ڏينهن به مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
karachi gaddap gadap
school
books students
0 تبصرے