دادو ۾ يوم دفاع جي موقعي تي آپڪا ۽ يوٿ ويلفيئر پاران ريليون ۽ تقريبون

دفاع جي ڏھاڙي تي ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪري پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

دادو ۾ يوم دفاع جي موقعي تي آپڪا ۽ يوٿ ويلفيئر پاران ريليون ۽ تقريبون

دادو(عبدلعزيز ٻٻر) شھيدن کي ياد ڪرڻ ۽ وطن پاڪستان لاء قرباني ڏيڻ وارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء آپڪا آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسئيشن ضلع دادو ۽ يوٿ ويلفئير سوسائٽي ضلع دادو پاران ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء علامه آئي آئي قاضي لائيبريري پارڪ ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء خراج عقيدت پيش ڪئي وئي ۽ قل پڙهي فاتحاني بخش ڪري پرامن ڀرپور۽ شاندار ريلي ڊي سي چونڪ تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ ان موقعي تي پاڪستان زندھ آباد پاڪ فوج زندھ آباد ، پاڪ رينجرز زندھ آباد ، سنڌ پوليس زندھ آباد ڪشميرين سان زيادتون بند ڪيو جا زوردار نعرا هنيا ويا ريلي کي خطاب ڪندي آپڪا چئيرمين لاھوتي منير احمد سيال چيو ته يوم دفاع دشمن جي خلاف مجاھدانان ڪردار جي ياد ڏياري ٿو ۽ اسان جي فوج لازوال شجاعت بھادري جو مظاھرو ڪندي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو قوم جي ھر فرد تي وطن جي تحفظ جي لاء پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ ۽ آزاد ملڪ پاڪستان جي استحڪام وطن تان شھيد ٿيندڙ جوانن کي انهن جي اڻکٽ قربانين ڏيڻ بعد حاصل ڪيو وطن پاڪستان جي بقا سلامتي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز آهي يوم دفاع جي شھيد ٿيندڙ جوانن کي خراج تحسين ۽ سرخ سلام ڪيون ٿا ريلي ۾ سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو سليم اختر پنھور چئيرمين يوٿ ويلفئير سوسائٽي ضلع دادو، اين سي ايڇ ڊي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لٽريسي منظور احمد زئونر، غلام حيدر پنهور، شفيق احمد پنهو، ميرل ڪابورو ،امانت سولنگي، مرتضي چارڻ، شاھد گوپانگ ، قربان کوسو، اعجاز ڏاهري ، عابد چارڻ ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.