قديم ڳوٺ ڊاھي برمي بنگالين۔ افغان پناھگيرن جي ڳوٺن کي ريگيولر ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي جي نور محمد ڳوٺ کي ڊاھڻ ۽ جبري بي دخلي خلاف ڳوٺاڻن مرد. عورتن معصوم ٻارڙن. سياسي سماجي تنظيمن. قومپرست اڳواڻن لينڊ مافيا. اينٽي انڪروچمينٽ سيل. روينيو عملي خلاف 13 ھين ڏينھن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. سنڌ ۾ برمي بنگالين۔ افغان پناھگيرن جي ڳوٺن کي ريگيولر ڪيو پيو وڃي ۽ ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي مان بيدخل ڪرڻ جون سازشيون ڪيون پيون وڃن۔ اڳواڻ نگران سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي ڊاھڻ ۾ ملوث جعلي بلڊر مافيا خلاف نوٽيس وٺي. اڳواڻ تفصيل موجب. ڪراچي اسڪيم 33 سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي پنج نور محمد ڳوٺ جي رهواسين بلڊر مافيا. اينٽي انڪروچمينٽ سيل. روينيو کاتي جي عملدارن ۽ پوليس پاران ڳوٺ کي ڊاھڻ جي سازش ۽ جبري بي دخلي خلاف 13 ڏينھن به پر امن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاھري ۾ نور خان برفت. جماعت اسلامي جي امير حماد ڀٽو. امير حمزه سيال. واحد بخش کوکر. اصغر اڄڻ. علي برفت. صفدر ابڙو. آصف محسود. اسلام جان بٽني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته مسلسل ٽيرنھن ڏينھن کان اسين پنھنجي حقن ۽ مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج ڪري رھيا آھيون. ھن مھانگائي جي دور ۾ اسين پنھنجا روزگارڇڏي پنھنجا گھر بچائڻ لاء احتجاجي ڪيمپ تي ويٺل آھيون۔ ھن ڳوٺ ۾ سڀ مسڪين غريب ڏھاڙي دار ماڻھو رھندا آھن. جن جي گھرن ۾ ھن مھل فاڪا ڪشي واري صورتحال آهي پر ان باوجود ھي مسڪين سون جي تعداد ۾ پنھنجا اجھا بچائڻ لاء ڪيمپ تي موجود آھن۔ اسانکي اميد آھي ته اسان سان انصاف ڪيو ويندو ۽ ڳوٺ کي ڊاھڻ جي سازش ۾ ملوث اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيوويندو۔ ھنن چيو ته جيسين تائين ڳوٺاڻن جا جائز مطالبه تسليم نه ٿا ڪيا وڃن تيسين تائين ھي پر امن احتجاج رھندو.
0 تبصرے