نوشھروفيروز ۾ وڪيلن پاران ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاج

پرامن احتجاج تي تشدد ظلم جي انتھا آھي، پوليس ڌاڙيلن ۽ سردارن جي ونگارو آھي: وڪيل اڳواڻ

نوشھروفيروز ۾ وڪيلن پاران ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس چڙھائي خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ ڌرڻي تي پوليس گردي خلاف احتجاج ڪيو ويو. وڪيلن پاران ضلع بار ايسوسيئيشن آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالستار لھراڻي، شڪيل جوکيو، امر امتياز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته پرامن احتجاج تي تشدد ظلم جي انتھا آھي. پوليس ڌاڙيلن ۽ سردارن جي ونگارو آھي. ان ڪري ايس ايس پي امجد شيخ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ھنن چيو ته مغوين جي آزادي تائين احتجاج جاري رھندو.