دادو ۾ برهماڻي برادري جو چڱي مڙس جو نالو قتل ڪيس ۾ شامل ٿيڻ خلاف احتجاج

پاٽ شريف ۾ قتل ٿيل قمرالدين چانڊيو ڪيس ۾ نثاراحمد برھماڻي جو نالو شامل ٿيڻ جي مذمت ڪريون ٿا: مظاهرين

دادو ۾ برهماڻي برادري جو چڱي مڙس جو نالو قتل ڪيس ۾ شامل ٿيڻ خلاف احتجاج

دادو(عبدلعزيز ٻٻر) ٿاڻو رڪڻ جي حد پاٽ شريف ۾ قتل ٿي ويل نوجوان قمرالدين چانڊيو جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي لسٽ ۾ برھماڻي برادري جي قومي سردار نثاراحمد برھماڻي جو نالو شامل ڪرڻ تي دادو ڄامشورو ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برھماڻي برادري پاران احتجاجن جو سلسلو جاري . احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي ته سردار نثاراحمدبرھماڻي ھڪ نھايت معزز شخصيت جومالڪ آھي. مٿس ڪوڙي ايف آ۽ آر داخل ڪرڻ تمام مذمت جوڳو عمل آھي . ھنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي گھرڪئي آھي ته فوري طور تي صاف شفاف نموني جاچ ڪرائي سردار نثاراحمد برھماڻي جو نالو ايف آء آرمان خارج ڪيو وڃي ، چانڊيه برادري جي هٿياربند ماڻھن جو برهماڻي برادري جي گهرن جي چوڌاري گهيرو ختم ڪرائي ، بي قصور ماڻهن کي تحفظ فراھم ڪري پوليس فورس وڌائي ڌرين کي وڌيڪ جاني نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايوويندو