English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنڊيارو ڀرسان ھٿياربندن نوجوان کي گھر اندر گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو
views
|
01st Sep 2023
•
سنڌي خبرون
نوجوان جي امڙ جي فرياد تي 4 ڄڻن مٿان ڪيس داخل
ڪنڊيارو ڀرسان گذريل رات ھٿياربندن نوجوان کي گھر اندر گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو, نوجوان جي امڙ جي فرياد تي 4 ڄڻن مٿان ڪيس داخل, خبر موجب ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ حاجي خان گوپانگ ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم ھٿياربندن 30 ورھين جي نوجوان راشد گوپانگ کي گھر اندر گوليون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنھن کي زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو اطلاع ملڻ تي ڪنڊيارو پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن کي وارث ڳوٺ کڻائي ويا نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو ٻئي پاسي مقتول نوجوان راشد گوپانگ جي امڙ حاجاڻي جي فرياد تي نياڻي سميت ٻن سڃاتل ۽ ٻه اڻڄاتلن مٿان ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيس ۾ شعبان ڪلھوڙو فاروق ڪلھوڙو ۽ 2 نامعلوم شامل آھن فريادڻ مسمات حاجاڻي ڪيس جي موقف ۾ ڄاڻايو آھي ته ٽي سال اڳ جوابدار شعبان ڪلھوڙو منھنجي ڌي کي اغوا ڪري شادي ڪئي ھئي ۽ ڪجھ عرصو اڳ منھنجي ڌي سان سندس مڙس ۽ ڏير وڙھيا ھيا جنھن بعد منھنجي ڌي مڙس کان ڪاوڙجي اسان سان رھندي ھئي ان ڳالھ تان جوابدار شعبان ۽ فاروق ڪلھوڙو منھنجي پٽ کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا ھيا گذريل رات اسان گھر ۾ ستل ھياسين ته جوابدار شعبان ڪلھوڙو فاروق ڪلھوڙو ۽ ٻه اڻڄاتل اسان جي گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪيو ۽ منھنجي پٽ راشد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا آخري اطلاعن موجب ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Oct 2025
•
سندھ
ایف پی سی سی آئی سینٹرل اسٹینڈنگ کمیٹی کارپوریٹ ریلیشین اینڈ کمیونیکیشن کی آٹھویں میٹنگ کا انعقاد
27th Oct 2025
•
سندھ
سامان شفاءفاﺅنڈیشن صحت کے شعبے میں عوامی خدمت اور انسانی ہمدردی کی اعلیٰ مثال ہے سید مصطفی کمال
27th Oct 2025
•
سندھ
روٹری کا مشن انسانیت کی خدمت اور معاشروں کی بہتری ہے محمد فیض قدوائی
27th Oct 2025
•
سندھ
موسمی تبدیلی اور ماحولیاتی آلودگی کے باعث سانس کی بیماریوں میں اضافہ ہو رہا ہے ڈاکٹر عظمٰی فہیم
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: ڇور روڊ زيرو پوائنٽ اسٽاپ وٽ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت 3ڄڻا زخمي
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
سڄي پاڪستان وانگر نوشهروفيروز ۾ به ڪشميري عوام سان يڪجهتي لاءِ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ سينئر استاد جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪلي جي ڳوٺ محمد رمضان کماڻ واسي جو نياڻي سان مبينا زيادتي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Kandyaro
Murder
Police
0 تبصرے