نوشهروفيروز جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ مبينا غلط آپريشن سبب عورت دم ڏئي ڇڏيو

مجيدان ويم لاءِ ميڊيڪل سينٽر آندو جتي ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ پاران غلط آپريشن سبب فوت ٿي وئي: وارث

نوشهروفيروز جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ مبينا غلط آپريشن سبب عورت دم ڏئي ڇڏيو

نوشهروفيروز(ڊ ر) خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر غلط آپريشن ڪري عورت کي قتل ڪري ڇڏيو. وارثن جو ڪاسائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو۔ نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ مٺاخان مري سان تعلق رکندڙ عورت مجيدان کي وارثن ويم لاءِ رابعه سينٽر آندو پر سينٽر جي مالڪ ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ علاج دوران غلط آپريشن ڪري سندس حياتي کسي ورتي. ان موقعي تي مقتول عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ گائنولاجسٽ ۽ سرجن ڊاڪٽر جي مدد کانسواءِ عورت جو پاڻ آپريشن ڪري کين قتل ڪيو آهي هنن چيو ته ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ ڊاڪٽر نه پر انسانيت جو قاتل آھي جيڪو پئسن عيوض انڌو ٿي ڪري عورتن جا غلط آپريشن ڪري کين مرڻينگ ڪري ڇڏي ٿو۔ ڳوٺاڻن هيلٿ ڪيئر ڪميشن۔ سيشن جج نوشهروفيروز۔ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتل ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊاڪٽر خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته رابعه سينٽر اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو۔