English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ پاڻي مافيا غير قانوني 85 کان وڌيڪ کوھ کوٽرائي ڇڏيا آھن: رمضان بليدي
views
|
03rd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
کوهن جي سرپرستي واٽر بورڊ جا راشي آفيسر علائقي پوليس ۽ سياسي پارٽي جا ماڻھو ڪري رھيا آھن
گڏاپ (رپورٽر)سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ پاڻي مافيا غير قانوني 85 کان وڌيڪ کوھ کوٽرائي ڇڏيا آھن جنھن جي سرپرستي واٽر بورڊ جا راشي آفيسر علائقي پوليس ۽ سياسي پارٽي جا ماڻھو ڪري رھيا آھن. جيڪي پاڻي مافيا کان لکين روپيه رشوت وٺي خاموش تماشائي بڻيل آهن. اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي ايس اين پي ھائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. رمضان بليدي وڌيڪ چيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون جا ماڻھو ھن مھانگائي جي دور ۾ پاڻي جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. پاڻي مافيا فضل ڪرم. خالد سيٺ. حمزه ٽيڪسٽائل احمد جمال پاڙو. لاسي ڳوٺ ۽ مڇر ڪالوني ۾ ناجائز غير قانوني کوھ کوٽرائي ڇڏيا آهن. سائيڊ بور لڳڻ ڪري علائقن جي بورن ۾ پاڻي سڪي ويوآهي. گھرن مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. واٽر بورڊ انتظاميه چند پئسن جي لالچ ۾ حمزه ٽيڪسٽائل. خالد سيٺ ۽ فضل ڪريم کي پاڻي جا غير قانوني کوھ کوٽڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب علائقي واسي پاڻي ڍڪ لاء پريشان آهن. ھن چيو ته فضل ڪرم کي لائيسنس خاموش ڪالوني ۾ صرف ڇھ بورن جو مليل آهي. پر فضل ڪرم سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ 85 کان وڌہڪ کوھ غير قانوني طور کوٽرائي ڇڏيا آهن ۽ انھن کوھن ۾ مٺي پاڻي جون لائينون لڳايون ويون آهن جنھن خلاف واٽر بورڊ انتظاميا ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھن ميئر ڪراچي. ايم ڊي واٽر بورڊ کي اپيل ڪندي چيوته سھراب ڳوٺ ٽائون جي رھواسين کي پاڻي مافيا جي ظلمن کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ ھن چتاءُ ڏيندي چيو ته پاڻي مافيا خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي تہ اسين ايم ڊي واٽر بورڊ جي آفيس جو گھيراء ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Oct 2025
•
تازہ ترین
ٹھٹھہ: شہید ناظم جوکيو کی بیوہ شیرین جوکيو کی دوسری شادی کا انکشاف، معاملہ عدالت پہنچ گیا۔
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
شکارپور: مہر برادری کے دو گروپوں میں زمین کے تنازع پر تصادم، 3 افراد جاں بحق، خواتین سمیت 8 زخمی
21st Oct 2025
•
سندھ
گمبٹ: گورنمنٹ ہائر سیکنڈری اسکول وڈا لاکها کی عمارت کا کام التوا کا شکار، طلبہ تعلیم سے محروم
21st Oct 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی آغا سراج درانی کے انتقال پر ان کے بیٹے آغا شہباز درانی سے تعزیت
22nd Oct 2025
•
تازہ ترین
ٹھٹھہ: شہید ناظم جوکيو کی بیوہ شیرین جوکيو کی دوسری شادی کا انکشاف، معاملہ عدالت پہنچ گیا۔
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اولڊ پاور ھائوس ويجھو ھٿياربندن هٿان نوجوان قتل
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
چنگي ٽيڪس تڪرار: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران توهين عدالت جا نوٽيس ختم
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور پوليس هڪ ڄڻي کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Gaddap
Karachi Tenker Mafia
Land mafia
water board
0 تبصرے