English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ پاڻي مافيا غير قانوني 85 کان وڌيڪ کوھ کوٽرائي ڇڏيا آھن: رمضان بليدي
185 views
|
03rd Sep 2023
•
سنڌي خبرون
کوهن جي سرپرستي واٽر بورڊ جا راشي آفيسر علائقي پوليس ۽ سياسي پارٽي جا ماڻھو ڪري رھيا آھن
گڏاپ (رپورٽر)سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ پاڻي مافيا غير قانوني 85 کان وڌيڪ کوھ کوٽرائي ڇڏيا آھن جنھن جي سرپرستي واٽر بورڊ جا راشي آفيسر علائقي پوليس ۽ سياسي پارٽي جا ماڻھو ڪري رھيا آھن. جيڪي پاڻي مافيا کان لکين روپيه رشوت وٺي خاموش تماشائي بڻيل آهن. اھڙن خيالن جو اظهار سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي ايس اين پي ھائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. رمضان بليدي وڌيڪ چيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون جا ماڻھو ھن مھانگائي جي دور ۾ پاڻي جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آھن. پاڻي مافيا فضل ڪرم. خالد سيٺ. حمزه ٽيڪسٽائل احمد جمال پاڙو. لاسي ڳوٺ ۽ مڇر ڪالوني ۾ ناجائز غير قانوني کوھ کوٽرائي ڇڏيا آهن. سائيڊ بور لڳڻ ڪري علائقن جي بورن ۾ پاڻي سڪي ويوآهي. گھرن مسجدن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. واٽر بورڊ انتظاميه چند پئسن جي لالچ ۾ حمزه ٽيڪسٽائل. خالد سيٺ ۽ فضل ڪريم کي پاڻي جا غير قانوني کوھ کوٽڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پاڻي جي کوٽ سبب علائقي واسي پاڻي ڍڪ لاء پريشان آهن. ھن چيو ته فضل ڪرم کي لائيسنس خاموش ڪالوني ۾ صرف ڇھ بورن جو مليل آهي. پر فضل ڪرم سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ 85 کان وڌہڪ کوھ غير قانوني طور کوٽرائي ڇڏيا آهن ۽ انھن کوھن ۾ مٺي پاڻي جون لائينون لڳايون ويون آهن جنھن خلاف واٽر بورڊ انتظاميا ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. ھن ميئر ڪراچي. ايم ڊي واٽر بورڊ کي اپيل ڪندي چيوته سھراب ڳوٺ ٽائون جي رھواسين کي پاڻي مافيا جي ظلمن کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ ھن چتاءُ ڏيندي چيو ته پاڻي مافيا خلاف قانوني ڪارروائي نه ڪئي وئي تہ اسين ايم ڊي واٽر بورڊ جي آفيس جو گھيراء ڪنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Gaddap
Karachi Tenker Mafia
Land mafia
water board
0 تبصرے