ميرپورخاص جي سماجي تنظيم آرٽس فائونڊيشن پاران ڍيڱاڻ ڀرڳڙي ۾ تربيتي پروگرام منعقد

پروگرام ۾ مختلف ڳوٺن مان 100 کان وڌيڪ عورتن جي شرڪت، ٻن عورتن تي ٻڌل ڪميٽي به ٺاهي وئي

ميرپورخاص جي سماجي تنظيم آرٽس فائونڊيشن پاران ڍيڱاڻ  ڀرڳڙي ۾ تربيتي پروگرام منعقد

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي سماجي تنظيم آرٽس فائونڊيشن پاران ڍيڱاڻ ڀرڳڙي ۾ بحالي منصوبي تحت ٻوڏ متاثرن جي شرڪت سان تربيتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام ۾ مختلف ڳوٺن مان 100 کان وڌيڪ عورتن شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ يوسي سطح تي ڳوٺ جي عورتن جي ٻن عورتن تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو نالو حفاظتي ڪميٽي رکيو ويو جنهن ۾ عورتن جي گهريلو مسئلن تي ڪم ڪيو ويندو جنهن ۾ تشدد ۽ ننڍي عمر جي شادي سميت ٻين مسئلن تي ڪم ڪيو ويندو. پروگرام ۾ آرٽس فائونڊيشن جي چيئرمين شهزادو ملڪ، وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ آفيسر طارق وحيد گڏاڻي، انچارج چائلڊ اينڊ وومين پروٽيڪشن سيل انسپيڪٽر فوزيه ناصر، ايوان صحافت جي صحافي عبيدالله ڪوري، علي حسن نون ۽ ٻين خطاب ۾ چيو ت عورتن کي گهريلو تشدد ۽ تشدد کان بچائڻ لاءِ پنهنجن ننڍڙن ڇوڪرين کي اعليٰ سطح تي تعليم ڏياري جنهن مان ڇوڪريون اڳتي وڌنديون.هنن چيو ته گهريلو تشدد ۽ ننڍي عمر جي ٻارن جي شادي کي روڪڻ لاءِ اوهان جي ماڻهن جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي جو ڪم هوندو ته اهڙن واقعن جي رپورٽ ادارن کي ڏين جنهن سان اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. جڏهن ته ڪميٽي جوڙڻ جو هڪ مقصد اهو به آهي ته يوسي سطح تي ٺاهيل ڪميٽي کي 18 سالن جي ڄمار کان پوئي ڇوڪرين جا اين آءِ سي ڪارڊ، ڄم جو سرٽيفڪيٽ ٺارائڻ ، جڏهن ته آرٽس فائونڊيشن جي ٽيم ايف اي ايس آفيسر محمرم کوسو. مريم زاهد علي، امتياز علي ڪنڀار، مهڪ نور بلوچ، ياسرا دائودپوٽو، ڪوه نور ، عرفانه هنڱورو ۽ ٻين انتظاميا جو قلمدان سنڀاليو.