سجاول ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ آيل سامان من پسندن ماڻهن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف

سعودي حڪومت ۽ حيات فائونڊيشن پاران 660 مستحق خاندانن لاءِ مليل سامان ڪرپشن جي ور چڙهي ويو: ذريعا

سجاول ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ آيل سامان من پسندن ماڻهن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف

سجاول (رپورٽ: گلشيرميربحر) ڪرپشن هر اداري ۾ معمول جي ڳالهه آهي پر سجاول ۾ ڪهاڻي عجيب آهي، ضلعي انتظاميا کي سعودي حڪومت ۽ حيات فائونڊيشن پاران 660 مستحق خاندانن لاء مليل راشن مستحقن بجآء جعلي من پسند لسٽون ٺاهي آيل راشن ورھائي ڇڏيو، ضلع انتظاميه پاران سجاول جي نجي رائس مل ۾ غريبن جي راشن ۾ سرڪاري ملازمن ۽ من پسند ماڻھن کي شامل ڪري مستحق ماڻھن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي جنھن سبب سوين بيوس ماڻھو نجي رائس مل ٻاھران راشن جي لاء پريشان ڏسڻ ۾ آيا ضلع انتظاميه ھڪ ڀيرو ٻيھر مظلوم ۽ بيوس ماڻھن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، خبر موجب:سعودي حڪومت ۽ حيات فائونڊيشن پاران نجي رائس مل ۾ 660 خاندانن ۾ ترجيحي بنيادن تي راشن ورهايو ويو، غريبن جي لاء آيل راشن ۾ سرڪاري ملازم پڻ شامل ھئا. ضلعي انتظاميا سجاول سخاوت جي انتها ڪري ڇڏي غريبن لاء آيل راشن سندس ملازم ۽ سندس پسنديده ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو غريب مستحق ماڻھو راشن جي لاء سخت پريشان ھئا, ضلع انتظاميه ھڪ ڀيرو ٻيھر مظلوم ۽ بيوس ماڻھن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي سجاول جي نجي رائس مل ۾ سوين عورتون راشن جي انتظار ۾ وھي رھيون, مستحقن عورتن صحافين کي ٻڏايو ته اسان کان مل مالڪ جئي ڪمار عورتن کان شناختي ڪارڊ جون فوٽو ڪاپيون وٺي روانو ٿي ويو مستحق عورتن وڌيڪ چيو ته اسين صبح 7 بجي کان مل ٻاھران راشن جو انتظار ۾ ويٺل آھيون ,مستحق ماڻھن جو چوڻ ھو ته اسسٽنٽ ڪمشنر فاطمه صائما احمد مختيار ڪار،تپيدار ۽ روينيو جي ڪلارڪ جي ملي ڀڱت سان رات جي تاريخ ۾ نور نظر ماڻهن کي ٽوڪن جاري ڪري ڇڏيا ھئا جن کي صبح 7 وڳي راشن ڏنو ويو آھي جڏھن ته حقدارن کي راشن نه ملي سگھيو آھي جنھن سبب سوين مستحق ماڻهو خالي هٿين موٽڻ تي مجبور آھن.زريعن ٻڌايو آھي ته مختيارڪار ۽ تپيدار آفتاب شاھ پاران من پسند جي بنياد تي لسٽ ٺاھي اي سي سجاول فاطمه صائما احمد کي ڏني وئي ھئي انھيءَ کان پوء تپيدار آفتاب شاھ ۽ اي سي سجاول لسٽ کي ۾ ترميم ڪري پنھنجي رشتيدارن ۽ من پسند ماڻھن جا نالا شامل ڪري ڊي سي آفيس سجاول ۾ جمع ڪرائي ڇڏي انھيءَ کان پوء ڊي سي آفيس ۾ ويٺل ڪلارڪ راجيش مھيشوري ۽ پٽيوالن اي سي سجاول جي لسٽ ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، روينيو آفيسرن ملازمن ۽ پنھنجي رشتيدارن جا نالا شامل ڪيا آھن جنھن سبب ھڪ گھر ۾ پنج پنج گھر ڀاتين کي راشن ڏئي غريب مسڪين ماڻهن سان ظلم ڪيو آھي انھن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي سجاول سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته غريب مسڪين ماڻهن جي راشن ۾ ھيراڦيري ڪندڙ ملازمن ۽ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مستحق ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي