English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: سچل ڳوٺ ويجهو رٽائرڊ آفيسر جو پلاٽ جعلي فائيل ذريعي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف
53 views
|
30th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ خريد ڪيو هو: خادم حسين تنيو
گڏاپ (رپورٽر) ڪراچي سچل ڳوٺ ڀرسان پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جي ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي رٽائرڊ پيرسن ملازم جو پلاٽ جعلي فائيل ٺاھي بااثر لينڊ مافيا وحيد عباسي جي حوالي ڪري ڇڏيو پيرسن جي پلاٽ قبضو متاثر پيرسن جون صحافين آڏو دانھون تدارڪ جي اپيل سوسائٽي جي انچارج ايڊمنسٽريٽر تي سوسائٽي اندر ڪيترن ئي پلاٽن جا جعلي فائيل ٺاھي قبضا مافيا جي ماڻھن کي ڏئي ڪري ڪروڙين روپيا ڪمائڻ لڳو خبرموجب ڪراچي سچل ڳوٺ ڀرسان پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جي انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي سوسائٽي اندر رٽائرڊ ملازم پيرسن خاد حسين تنيو جي ورتل پلاٽ جو جعلي فائيل ٺاھي لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض بااثر قبضا مافيا وحيد عباسي جي حوالي ڪري ڇڏيو جنھن جعلي فائيل ملڻ بعد رٽائرڊ پيرسن ملازم خادم حسين تنيو جي پلاٽ ھٿياربند ماڻھو ويھاري قبضو ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ متاثر پيرسن خادم حسين تنيو صحافين آڏو دانھيندي چيو تـ پي سي ايس آء آر ايمپلائيز ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ نمبر A 20 آھي جنھن جو سوسائٽي جي ڪرپٽ انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي ڊپليڪيٽ فائيل ٺاھي لکين روپيا رشوت وٺڻ عيوض بااثر قبضا مافيا وحيد عباسي جي نالي تي ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڄاڻايل پلاٽ تي پنھنجا ھٿياربند ماڻھو ويھاري ڇڏيا آھن جنھن جي خلاف سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاھد لغاري پڻ لکت ۾ درخواست ڪئي آھي مگر اھو پڻ بااثر قبضا مافيا وحيد عباسي ۽ ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي سان ٻٽ ھجڻ سبب ڪا بـ ڪارروائي ڪرڻ جي لاء تيار نـ آھي ھن وڌيڪ چيو تـ پي سي ايس آء آر ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي جو انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي سوسائٽي اندر مختلف پلاٽن جا جعلي فائيل ٺاھي قبضا مافيا جي ماڻھن کي وڪرو ڪري ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيو آھي جڏھن تـ مختلف پلاٽن جا ڊپليڪيٽ فائيل ھجڻ سبب سوسائٽي اندر جھيڙا پڻ معمول بڻجي ويا آھن ھن چيو تـ ڪرپٽ نااھل انچارج ايڊمنسٽريٽر الطاف سولنگي کي ھٽائي منھنجي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ وحيد عباسي خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور پريس ڪلب جي چونڊ، عبدالسلام انڙ صدر چونڊجي ويو
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی - ماضی کے حقائق اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
کراچی: تاریخی حقائق، مقامی محنت اور روشن مستقبل کی بنیاد
24th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نجڪاري—هڪ فيصلو، جنهن جا اثر نسلن تائين ويندا..؟؟
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي ھائير سيڪنڊري اسڪول ون ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي جنم ڏينهن تي تقريب
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول جي ڪاليج گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ. فائنل ۾ صوفي شاهه عنايت ڪلب هٿان بخاري ڪلب کي شڪست
24th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پپريءَ طرفان ثقافتي مشاعري جي عنوان هيٺ شاندار تقريب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Gaddap
Sachal goth
village
land mafia
0 تبصرے