English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ترقي پسند تحريڪ زبير رحمان جي ذڪر کانسواء اڌوري ۽ نامڪمل آھي: وليم صادق/گل منگي
356 views
|
20th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
بابو لادو، اين ڊي مجروح ڪالاڻي، نديم سبطين، عبدالخالق زدران، واحد بلوچ، نعيم شيخ، ڪامريڊ گل ناز،۽ ٻين خطاب ڪيو
ڪراچي (پ ر) ترقي پسند تحريڪ زبير رحمان جي ذڪر کانسواء اڌوري ۽ نامڪمل آھي۔ کاٻي ڌر هر تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ زبير رحمان پاڪستان ۾ انارڪي جو اهم ٿنڀ هو جنهن مرڻ گهڙي تائين پنهنجي اصولن تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي۔ زبير رحمان جي موت جي ذميوار غربت ۽ مفلسي آھن۔ اهڙن خيالن جو اظھار سرگرم انارڪسٽ ساٿين وليم صادق، بابو لادو، شھيد هيمون ڪالاڻي ميموريل سوسائٽي جي ڪنوينر اين ڊي مجروح ڪالاڻي، مشھور شاعر نديم سبطين، عبدالخالق زدران، واحد بلوچ، نعيم شيخ، گل محمد منگي، ڪامريڊ گل ناز،۽ ٻين زبير رحمان جي پهرين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪا ورڪرز سوليڊيرٽي فيڊريشن پاران اڄ ڇنڇر ڏينهن ملهائي وئي جنهن ۾ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو۔ تقريب ۾ جڙانوالا سانحي، راڻيپور جي فاطمه ڦرڙو کي مرشد پاران ظلم ۽ زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي ڏک ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي۔ زبير رحمان کي خراج عقيدت پيش ڪندي ڪامريڊ ساٿين چيو ته مرحوم بنگلاديش جي آزادي واري تحريڪ ۾ بهرو ورتو ۽ اتي ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو اکين ڏٺو شاهد هو۔ هنن چيو ته زبير رحمان پاڪستان ۾ انارڪي کي ڦھلائڻ ۽ ان جي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ جنهن جي ڏوھ ۾ زبير رحمان سڄي ڄمار ڀوڳيو ۽ مرڻ گهڙي تائين جدوجهد ۾ مصروف رهيو۔ هن ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو آڻ نه مڃي ۽ پنهنجي مقصد خاطر هر شئي قربان ڪري ڇڏي۔ زبير رحمان آرامده زندگي کي سوچي سمجهي ٿڏي ڇڏيو ۽ ڪنڊن جي سيج جي چونڊ ڪئي۔ اڄ زبير رحمان توڙي جو اسان سان گڏ نه آھي پر اسان سمجهون ٿا ته سندس فڪر ۽ سوچ وک وک تي اسانجي رهنمائي ڪري رهيا آھن۔ هنن چيو ته زبير رحمان هڪ مفڪر، صحافي ۽ انارڪزم جو استعارو آھي جنهن جي فڪر جي روشني ايندڙ نسلن کي به رهنمائي فراهم ڪندي رهندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Karachi SIndh
Pakistan
Breaking News
viral leak
0 تبصرے